اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 9 آگسٽ تي ٽائيگر فورس ڊي ملهايو ويندو، مون سان گڏ قومي اسيمبلي جا ميمبر، سينيٽر ?? ٻيا ماڻهو پڻ شامل ٿيندا، اسان کي پنهنجي نسلن جي بهتر مستقبل جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، ٽائيگر فورس وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺندي، هر شخ?? کي وڻڪاري ۾ حصو وٺڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽائيگر فورس جي رضاڪارن جي لاءِ خاص پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان کي پنهنجي نسلن جي بهتر مستقبل لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ٽائيگر فورس ڊي 9 آگسٽ تي ملهايو ويندو، جنهن جي آئون ??اڻ قيادت ڪندس. 9 آگسٽ يادگار ڏينهن هوندو. هن چيو ته مون سان گڏ قومي اسيمبلي جا ميمبر، سينيٽر ?? ٻيا ماڻهو شامل هوندا. ٽائيگر فورس وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺندي.