اسلام آباد ??? 11 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪو??ون?? وائرس بابت تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 65 ماڻهو فوت ٿيا، هڪ ڏينهن ۾ 23 هزار 569 ٽيسٽ ڪيا ويا، هڪ لک 53 هزار 134 ماڻهو ڪو??ون?? وائرس کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي چڪا آهن. اين سي او سي موجب بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪو مريض وينٽي ليٽر تي نه آهي. سڄي ملڪ ۾ 394 ڪو??ون?? مريض وينٽي ليٽرز تي آهن جڏهن ته ڪو??ون?? مريضن جي لاءِ 1568 وينٽي ليٽرز رکيا ويا آهن. هن وقت سڄي ملڪ ۾ 2 لک 46 هزار 351 تصديق ٿيل ڪيسز آهن جن ۾ آزاد ڪشمير جا 1532، بلوچستان جا 11 هزار 128، گلگت بلتستان جا 1630، اسلام آباد جا 13 هزار 927، خيبرپختونخواهه جا 29 هزار 775، پنجاب جا 85 هزار 991 ۽ سنڌ جا هڪ لک 23 هزار 68 ڪيسز شامل آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪو??ون?? کان هيستائين 5 هزار 123 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. هيستائين 15 لک 38 هزار 427 ڪو??ون?? ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. ملڪ جي 733 اسپتالن ۾ 4254 مريض علاج هيٺ آهن.