اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خطي ۾ ڪنهن به تڪرار جو حصو نه بڻجڻ جو واضح اعلان ڪ??دي چيو آهي ته ماضي ۾ علائقائي تڪرارن جي ڪري ??اڪستان تمام گهڻو نقصان کنيو آهي، هاڻي ڪنهن به تڪرار جو حصو نه بڻجندو پر سدائين امن جي حصيدار طور ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن اها ڳالهه عمان جي اوقاف ۽ مذهبي معاملن واري ??زير شيخ عبدالله بن محمد بن عبدالله اسالمي سان ملاقات ۾ چئي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان سلطان قابوس بن سيدالسيد جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.