اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته نواز شريف ۽ آصف زرداري ٻنهي جي بيماري جو سبب هڪ ئي آهي، قوم سا?? هاڻي اها دوکيبازي نه هلندي، قوم جو مال ته واپس ڪرڻو ئي پوندو، ڪرپشن س??ن ملڪ جو بنياد کوکلو ڪرڻ جو جواب ته ڏيڻو پوندو، عمران خ??ن ملڪي دولت ڦريندڙن جي ا??صاب تي سوار آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خ??ن ملڪي دولت ڦريندڙن جي ا??صاب تي سوار آهي، قانون جي حڪمران جو دعويدار بلاول صاحب پنهنجي انڪل نواز شريف کي چوي ته واپس عدالت ۾ پيش ٿي قانون جي حڪمراني جو عملي ثبوت ڏي. هن چيو ته بلاول ان ڪرپٽ ورثي جو نمائندو آهي جنهن ملڪ جو بنياد کوکلو ڪيو، پيپلزپارٽي کي ڀٽو جي وفاقي پارٽي مان علائقائي پارٽي ۾ بدلائڻ جو سهرو بلاول ۽ والد جي سر آهي.