اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي يوم عاشور جي موقعي تي قوم جي نالي ??يغ??م ۾ چيو آهي ته يوم عاشوره جو ڏينهن ان عظيم قربا??ي جي ياد ڏياري ٿو جيڪا نواسه رسول حضرت امام حسين رضه ۽ سندس ساٿين دين جي حفاظت ۽ حرمت جي لاءِ پيش ڪئي، حضرت امام حسين رضه جي عظيم قربانين مان اسان کي زندگي جي هر شعبي ۾ رهنمائي ملي ٿي ۽ جيڪڏهن رسول صه جي ڏوهٽي جي جدوجهد جي انهن رخن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي رستي جو تعين ڪيو وڃي ته م??اشري کي جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن تي آساني سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو، هن چيو ته ڪ??بلا واقعو اسان کي اهم ترين سبق ڏي ٿو ۽ معاشري ۽ رياست جا معاملا ڪجهه م??ڻهن يا ڪنهن گروهه جي خواهشن جي تابع نٿا ڪري سگهجن ڇو ته انهن معاملن جو سڌو سنئون تعلق شرفِ انساني، آزادي ۽ انسانيت جي ڀلائي جي عظيم مقصدن ۾ آهي جنهن کي مذهب اسلام جي رهنما اصولن تحت مشاورت ۽ اجتماعيت جي ذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿو.