ڊيووس – 22 جنوري (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته پاڪستان صرف امن جو حصيدار آهي، اسان ڪڏهن به ڪنهن ٻي جي جنگ جو حصو نه بڻجنداسين، ام?? ۽ ??ستحڪام کانسواءِ پاڪستان جي معيشت ترقي نٿي ڪري سگهي، پاڪستان آمريڪا ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ذميداراڻو ۽ پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ امن قائم ڪر?? ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم کي خطاب ڪندي وزي??اع??م ملڪ جي اقتصادي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته سندس حڪومت کي ورثي ۾ بدترين معيشت ملي، معاشي استحڪام لاءِ حڪومت کي مشڪل فيصلا ڪر??ا پيا جنهن جي نتيجي ۾ غير ملڪي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو ۽ روپئي جو قدر مستحڪم ٿيو جڏهن ته اسٽاڪ مارڪيٽ ترقي ڪئي.