اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) صد?? آصف علي زرداري ڪمرشل بئنڪن جي بدانتظامي ۽ مالياتي دوکيبازي کان شهرين جي بچاءُ ۾ بئنڪنگ محتسب جي ڪردار جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ت?? بئنڪنگ محتسب شڪايتن جي فوري حل جي لاءِ اهم ادارو آهي، صد?? 6 بئنڪن کي بئنڪ فراڊ جي 31 متاثرين کي 24.136 ملين رپيا ريليف جي فراهمي جي هدايت ڪري ڇڏي آهي ۽ بئنڪنگ محتسب جي فيصلن جي خلاف داخل 31 درخواستن تي فيصلا ڪري ڇڏيا. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب صد?? فراڊ متاثرين جي حق ۾ بئنڪنگ محتسب جي فيصلن کي برقرار رکيو، اهي فيصلا عوام کي انصاف ۽ فوري ريليف فراهم ڪرڻ جي صد?? جي عزم جا عڪاس آهن. صد?? ڪمرشل بئنڪن جي بدانتظامي، مالياتي دوکيبازي کان شهرين جي بچاءُ ۾ بئنڪنگ محتسب جي ڪردار تي زور ڏيندي چيو ت?? بئنڪنگ محتسب شڪايتن جي فوري حل جي لاءِ اهم ادارو آهي. هن چيو ت?? بئنڪنگ محتسب ڊگهي قانوني طريقيڪار جي بار کانسواءِ متاثرين کي وقت سر انصاف فراهم ڪري ٿو. صد?? چيو ته عوام بئنڪنگ تڪرارن ۽ فراڊ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بئنڪنگ محتسب جي خدمتن مان فائدو کڻي. صد?? يونائيٽيڊ بئنڪ لميٽيڊ پاران داخل درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ بئنڪ کي هدايت ڪئي ته اها متاثر 12 صارفين کي 1 ڪروڙ 15 لک رپيا واپس ڪري. مسلم ڪمرشل بئنڪ جي 10 صارفين کي مجموعي طور تي 52 لک کان وڌيڪ رقم واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. الائيڊ بئنڪ لميٽيڊ پاران داخل 5 درخواستون پڻ خارج ڪيون ويون جڏهن ته الائيڊ بئنڪ لميٽيڊ کي متاثر صارفين کي 40 لک کان وڌيڪ رقم واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. صد?? بئنڪ آف پنجاب جون داخل ٽي درخواستون پڻ خارج ڪري ڇڏيون ۽ فراڊ کان متاثر 3 صارفين کي 23 لک کان وڌيڪ رقم واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي. صد?? عسڪري بئنڪ لميٽيڊ کي هڪ ڪيس ۾ 490000 رپيا واپس ۽ حبيب بئنڪ لميٽيڊ جي ڪيس ۾ هڪ صارف کي 420000 رپيا ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. انهن متاثرين کي دوکبياز ماڻهن پاڻ کي بئنڪ جو نمائندو ظاهر ڪري دوکو ڏنو، دوکيباز ماڻهن دوکيبازي تي ٻڌل فون ڪالز جي ذريعي صارفين کان بئنڪنگ جا حساس تفصيل حاصل ڪيا. صارفين کا?? ذاتي بئنڪنگ تفصيل حاصل ڪرڻ کانپوءِ صارفين جي اڪائونٽس مان رقم ڪڍرائي وئي. صارفين فراڊ ذريعي هڙپ ڪيل رقم واپس وٺڻ جي لاءِ بئنڪن سان رجوع ڪيو پر ريليف نه ڏنو ويو جنهن تي متاثرين ريليف حاصل ڪرڻ جي لاءِ بئنڪنگ محتسب سان رجوع ڪيو. بئنڪن محتسب جي فيصلن کي چئلينج ڪندي صد?? کي جدا جدا درخواستون داخل ڪيون. ٻڌڻي ۽ لاڳاپيل رڪارڊ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ حتمي فيصلا ٻڌايا ويا.