راولپنڊي-27 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو آهي ته انصاف جو عمل 9 مئي جي اصل مڪروه ڪردارن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ تائين جاري رهندو، 2021ع ۾ ڪنهن جي مرضي هئي ته هي مسئلو ڳالهين ذريعي حل ڪيو وڃي؟ هڪ شخص جي غلطي جي قيمت قوم پنهنجي رت سان ادا ڪئي، فورسز غلط فيصلن جا داغ پنهنجي رت سان ڌوئي رهي آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته گذريل پنجن سالن جي ڀيٽ ۾ هن سال سڀ کان وڌيڪ ده??تگ??د ماريا ويا، پاڪ فوج ده??تگ??دي جي ڪيترن ئي منصوبن کي ناڪام ب??اي??، پاڪ فوج آپريشنز ۾ ده??تگ??دن کان وڏي مقدار ۾ هٿيار هٿ ڪيا، هن ٻڌايو ته سال 2024ع ۾ ده??تگ??دن جي ڪيترن ئي وڏن نالن سميت 925 ده??تگ??دن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو ۽ آپريشنز ۾ 73 انتهائي گهربل ده??تگ??د ماريا ويا. هن جو چوڻ هو ته ٻن خودڪش بمبارن کي حراست ۾ ورتو ويو، جڏهن ته 14 گهربل ده??تگ??دن هٿيار ڦٽا ڪيا، 383 آفيسرن ۽جوانن شهادت ماڻي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، پاڪستان جي سمورين ڪوششن باوجود افغان سرزمين تان ده??تگ??د پاڪستان ۾ ده??تگ??دي ڪري رهيا آهن، ده??تگ??دي جون ڪڙيون افغانستان سان م??ن ٿيون، ده??تگ??دن جي نيٽ ورڪس کي ختم ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏينداسين. سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج ڀارت جي ڪنهن به اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم جي بازار گرم ڪري رکي آهي. والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جا ظلم دنيا آڏو آهن، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ قانونن جي سڌي ريت ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، اسان والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام سان گڏ بيٺل آهيون. هن ٻڌايو ته ڀارت ٻين ملڪن ۾ سکن جي قتل ۾ ملوث آهي، ڀارت ۾ سازش تحت اقليتن جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، اسان جو اصولي موقف آهي ته والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام جي قانوني، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين. سندس چوڻ هو ته ده??تگ??دي جي ناسور خلاف پوري قوم کي ادارن سان گڏجي وڙهڻو آهي ڇاڪاڻ ته محفوظ پاڪستان ئي مضبوط پاڪستان آهي، پاڪستان ۾ ده??تگ??دي، ڀتاخوري ۽ اسمگلنگ جو اربين روپين جو اسپيڪٽرم موجود آهي. هن چيو ته ده??تگ??دي ان وقت ختم ٿيندي جڏهن انصاف، تعليم، صحت ۽ گڊگورننس هوندي، ده??تگ??دي ان وقت ختم ٿيندي جڏهن ده??تگ??دي ۽ ڏوهن جو ڳٺ جوڙ ختم ٿيندو، پاڪستان ۾ اربين روپين جو غير قانوني اسپيڪٽرم آهي جنهن جو فيڪ نيوز به حصو آهي، هي فيڪ نيوز اسپيڪٽرم کي ٽوڙڻ ۾ راهه ۾ رڪاوٽون وجهي ٿي، اشرافيه به غير قانوني اسپيڪٽرم سان گڏ بيٺل آهي جڏهن ته سيڪيورٽي ادارا هن غير قانوني اسپيڪٽرم خلاف بيٺل آهن. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف جو چوڻ هو ته 8 لک کان وڌيڪ غير قانوني افغان پناهگيرن کي واپس موڪليو ويو آهي، ملڪ جي ڊجيٽل سرحدن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن، احساس محرومي جو ڪوڙو، مصنوعي بيانيو ب??اي?? ويندو آهي، بلوچستان ۾ احساس محرومي جي ڪوڙي بياني جو پردو ظاهر ٿي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ٻن سالن کان افغان عارضي حڪومت سان ڳالهيون ۽ رابطا جاري آهن، اسان ان کان هڪ ئي ڳالهه ڪري رهيا آهيون ته ٻئي ملڪ ڀائر ملڪ آهن، افغان حڪومت کي باور ڪرايو وڃي ٿو ته فتنه الخوارج ۽ سهولتڪاري کي روڪي، واضح پاليسي عمل ۾ آندي وڃي، افغانستان جي خودمختياري جو احترام ڪريون ٿا، ڊجيٽل سرحد کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ليگل ۽ ٽيڪنيڪل ايڪشن ورتا پيا وڃن. سياسي پارٽين سان ڳالهين ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار بابت ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته پاڪ فوج جو هر حڪومت سان سرڪاري ۽ پيشيوراڻو تعلق هوندو آهي، ان تعلق کي سياسي رنگ ڏيڻ مناسب ??اه??، سڀئي سياسي پارٽيون ۽ ليڊرز قابل احترام آهن. سٺو سنئوڻ آهي ته سياستدان گڏجي ويهي پنهنجا معاملا حل ڪن نه وري انتشاري انداز اختيار ڪيو وڃي. هن جو چوڻ هو ته اسان لاءِ سموريون سياسي پارٽيون ۽ سياسي قيادت قابل احترام آهن، ڪنهن سياسي ليڊر جي اقتدار جي خواهش پاڪستان کان وڌيڪ ??اه??. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته 9 مئي پٺيان مربوط سازش ۽ رٿابندي هئي، ان رٿابندي ۽ سازش ۾ ملوث ڌرين کي منطقي انجام تائين پهچائڻ ضروري آهي، فوجي ٽرائل ۾ جوابدار کي قانوني حق حاصل هوندا آهن، فيض حميد کي اهو حق حاصل پڻ آهي، ڪو به آفيسر سياست کي رياست تي مٿانهون رکندو ته جواب ڏيڻو پوندو، نومبر 2024ع ۾ به 9 مئي 2024ع جو تسلسل ڏٺو.هڪ سوال جي جواب ۾ ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف جو چوڻ هو ته 9 مئي پاڪ فوج جو نه پر پاڪستان جي عوام جو ڪيس آهي، ده??تگ??دي جي مسئلي تي وڌيڪ ڪا سياست نه ٿيڻ گهرجي. نومبر ۾ ٿيل ڌرڻي ۾ پاڪ فوج جي ڪردار ۽ ٿيل فوتگين بابت سوال تي ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته پهرين ڊسمبر تي گهرو وزارت ان حوالي سان تفصيلي بيان جاري ڪيو هو، بيان ۾ چيو ويو هو ته فوج کي پرتشدد هجوم کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مقرر نه ڪيو ويو هو، فوج جي مقرري صرف ريڊ زون تائين محدود هئي، جڏهن ته سياسي قيادت جي هٿياربند گارڊ ۽ هجوم ۾ شامل ماڻهن وٽ ڌماڪيدار هٿيار هئا، مظاهرين وٽ هٿيار ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ڏٺا به ويا، بي معنيٰ هنگامي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ فيڪ نيوز جو سهارو ورتو ويو. هن چيو ته فوج ڪنهن سياسي پارٽي يا نظريي جي مخالف نه آهي ۽ نه ئي حمايتي، 26 نومبر جي سازش پٺيان سوچ سياسي ده??تگ??دي جي آهي، 26 نومبر تي هزارين ڪارڪنن جي شهادت جو ڪوڙ پکيڙيو ويو، ان کي اعتماد آهي ته ڪو به ڪوڙ وڪڻي سگهي ٿو. هن ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي تي موجود اهلڪارن کي هٿيار نه ڏنا ويا، جڏهن سياسي قيادت اتان ڀڳي ته سوشل ميڊيا تي ڪوڙي پروپيگنڊا ڪئي وئي، قانون اجازت ڏي ٿو ته اوهان پرامن احتجاج ڪيو، پر اوهان پوليس ۽ رينجرز تي حملا ڪريو ٿا ته اها سياسي ده??تگ??دي آهي، اوهان هٿياربند جٿا وٺي وفاق تي حملي آور ٿيو، فيڪ نيوز ۽ ڪوڙي پروپيگنڊا سبب اهو ٿيندو آهي، هُنن 26 نومبر تي بيانيو ڏنو ته هزارين ماڻهو ماريا ويا. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته انتشاري سياست جو ڪنٽرول ملڪ اندر سياسي ليڊرز وٽ ??اه??، ملڪ کان ٻاهر ماڻهن وٽ ان انتشاري سياست جو ڪنٽرول آهي، ڪيئن انساني حقن جون تنظيمون دنيا آڏو سامهون اچن ٿيون، انهن تنظيمن کي غزه ۽ فلسطين نظر نٿا اچن، انساني حقن تي جيڪي تنظيمون واويلا مچائي رهيون آهن اهي اهڙي مهم غزه ۽ ڪشمير تي هلائين. افغانستان سان لاڳاپن جي پاليسي بابت سوال جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته ??اه??ون ٿا ته افغانستان خوارجين کي پاڪستان تي ترجيح نه ڏي. دوست ملڪن ذريعي به افغانستان سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن. هن جو چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن اڳ 16 ايف سي جوان شهيد ٿيا، ڇا انهن جي رت جي ڪا قيمت ??اه??؟ فتنه خوارج جي چيلهه ٽٽي وئي هئي ته ڪنهن جي فيصلي تي ڳالهيون ڪري کين سيٽ ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته 2021ع ۾ ڪنهن جو ضد هو ته ڳالهيون ڪري انهن کي سيٽ ڪيو وڃي، ڳالهين جي ان ضد جي قيمت خيبرپختونخوا ادا ڪري رهيو آهي، ان تي بيانيو ٺاهڻ بدران خيبرپختونخوا ۾ گڊ گورننس تي ڌيان ڏيو، اهڙي هر مسئلي جو حل ڳالهين سان هجي ها ته دنيا ۾ جنگيون ۽ تڪرار نه ٿين ها، اهڙي رويي جي قيمت پوري قوم ڏي ٿي، ان تي بيانيو ب??اي??، سياست ڪريو، گڊ گورننس ڇو نه ڪريون، هن چيو ته گڊ گورننس تي ڌيان نه ڏيڻ ان لاءِ ان تي سياست ڪرڻي آهي، آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي ڊي جي فيض حميد بابت سوال تي پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪ فوج جو خود احتسابي جو عمل تمام شفاف ۽ جامع هوندو آهي، پاڪ فوج ۾ ڪو به آفيسر ۽ جوان قانون کان مٿانهون ??اه?? هوندو، ڪو به آفيسر سياست کي رياست تي ترجيح ڏيندو ته ان کي جواب ڏيڻو پوندو، فيض حميد جو معاملو به گهڻو حساس آهي ۽ هي معاملو اڃان عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، ان تي جيڪي تفصيل هوندا اهي شيئر ڪيا ويندا، تنهن ڪري ان معاملي تي وڌيڪ تبصرن کان پاسو ڪيو وڃي.