اسلا?? آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڊيرا اسماعيل خ??ن ۾ درابن ڪلام ??يڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪي پي ڪي پوليس جا بهادر جوان جان ڏئي دهشتگردن جي ناپاڪ عزمن کي مٽيءَ ۾ ملايو، ڪي پي ڪي پوليس دهشتگرديءَ ??لا?? جنگ ۾ فرنٽ لائن تي آهي. پنهنجي بي??ن ۾ گهرو وزير حملي ۾ شهادت ماڻيندڙ 2 پوليس اهلڪارن کي خراجِ عقيدت ڪندي شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن زخمي پوليس اهلڪارن جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دُعا به ڪئي. محسن نقوي چيو ته ڪي پي ڪي جا بهادر جوان جان ڏئي دهشتگردن جي ناپاڪ اِرادن کي مٽيءَ ۾ ملايو، ڪي پي ڪي پوليس جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏس??ن ٿا. هن چيو ته شهيد قوم جو فخر آهن ۽ سندن عظيم قربانيون وِساري نٿيون سگهجن.