اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پاڪستاني ڄائي آمريڪي پروفيسر مدثر وائين سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران تعليم وارو وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، ايڇ اي سي جو ڊائريڪٽر ڪوالٽ?? انشورنس ۽ پلانگ ڪميشن جا ميمبر پڻ موجود هئا. پروفيسر مدثر وائين جيڪو ڪيليفورنيا ۾ ڪوالٽ?? انشورنس جو ماهر ۽ ڪمپيوٽر سائنس ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي آمريڪي بورڊ آف انجينرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي مان مڃيل ڪوالٽ?? انشورنس جي اصولن تي روشني وڌي. وفاقي وزير احسن اقبال پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ماهرن جي ملڪ ۾ ترقي واري ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته اڏام پاڪستان پروگرام تحت اهڙن ماهرن جي علم ۽ تجربي مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته 2023ع ۾ ايڇ اي سي ۽ برٽش ڪونسل جي سهڪار سان پاڪستاني يونيور??ٽي?? کي ت??ار ڪيو ويو آهي، ڪوالٽ?? انشورنس فريم ورڪ نه صرف تعليم?? معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ مثالي آهي پر اهو پاڪستاني تعليمي نظام جي ضرورتن کي پڻ پورو ڪري ٿو. احسن اقبال فريم ورڪ تي اثرائتي عملدرآمد جي ضرورت تي ز??ر ڀريو ته جيئن اعلي تعليم?? معيار کي بهتر بڻائي سگهجي.