اسلام آباد-24 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چيئرمين ۽ وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت ملڪ جي مجموعي صورتحال تي غور ويچار سميت عوام کي رليف ڏيڻ ۽ ملڪي مسئلن جي جٽادار حل لاءِ قدمن تي ڳالهيون ڪيون ويون. محسن نقوي چيو ته پاڪستان ڏکين حالتن مان ٻاهر نڪري ره??و آهي، معاشي اهڃاڻ بهتري طرف گامزن آهن ۽ هر ايندڙ ڏينهن پاڪستان جي روشن مستقبل جو ڏس ٻڌائي ره??و آهي. هن چيو ته مايوسي گناهه آهي ۽ مايوس عنصرن جي ايجندا ڪ??هه ٻي آهي. خالد مقبول صديقي چيو ته پاڪستان جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهندڙن کي عوام جي ڪا به پرواهه ناهي.