راولپنڊي-04 ڊسمبر (اي پي پي) چيئرمين جو??ئنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا عراق جي دوري دوران وزيراعظم محمد شياع السوداني، دفاع واري و??ير ثابت محمد سعيد العباسي، گهرو و??ير عبدالامير الشمري ۽ چيف آف ڊفينس فورسز جنرل عبدالامير ر??ي?? س??ن ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب انهن ملاقاتن دوران ٻنهي طرفن کان گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون جن ۾ سيڪيورٽي، دفاعي تعاون ۽ موجوده علائقائي ماحول شامل آهن. ڌرين ٻطرفي فوجي سهڪار کي سگهه ڏيڻ وارن طريقن جو به جائزو ورتو ۽ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جي ع??م جو ورجاءُ ڪيو. عراق جي سول ۽ عسڪري قيادت پاڪستاني هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن جي واکاڻ ڪندي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني فوج جي قربانين جو اعتراف ڪيو، ان کان اڳ عراق جي هٿياربند فوج جي هيڊڪوارٽر پهچڻ تي چيئرمين جو??ئنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي کي چست جٿي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.