اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني غذائي تحفظ جي اهميت ۽ هر ماڻهوءَ کي مناسب ۽ غذائيت سان ڀرپور خوراڪ تائين پهچ کي يقيني بنائڻ لاءِ جٽادار طريقن جي ضرورتن کي اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. ڪالهه سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب خوراڪ جي عالمي ڏ??نهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته هي ڏ??نهن اسان جي ڪميونٽيز ۾ بُک ۽ عذائيت جي کوٽ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اسان جي گڏيل ذميداريءَ جي ياد پنه??جن آبادگارن جي مدد ۽ ماحول جي حفاظت ڪندڙ جٽادار زرعي طريقن کي هٿي ڏ??ڻ جي ضرورت آهي، انهن شعبن جي بهتريءَ لاءِ اسان کي گڏجي هڪ مفيد خوراڪ جو نظام بڻائڻو پوندو جيڪو نه صرف اسان جي ماڻهن جي بهترين پرورش ڪري پر ا??ان جو مستقبل به محفوظ بڻائي. سينيٽ چيئرمين خوراڪ جي زيان جي ازالي ۽ اهڙيون پاليسيون اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو جن جي عيوض خوراڪ جي پيداوار ۽ معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. هن ايندڙ نسلن لاءِ معياري ۽ گهڻي خوراڪ جي پائيداري ۽ پهچ يقيني بنائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن تي پڻ زور ڀريو.