اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته سفيد لَڪڻ نُور کان محروم ماڻهن جي پاڻڀرو ۽ خود اعتمادي جي علامت آهي، سفيد لَڪڻ جو ڏينهن نُور کان محروم ماڻهن جي هر ممڪن مدد، همٿ افزائي ڪرڻ ۽ کين قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب سفيد لَڪڻ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسپيڪر نُور کان محروم ماڻهن جي همٿ ۽ استقامت کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته نُور کان محروم ماڻهو اس??ن جي معاشري جو هڪ اهم حصو آهن، انهن جي فلاح ۽ ڀلائيءَ ۽ همٿ افزائي اس??ن جي اجتماعي ذميواري آهي. هن چيو ته نُور کان محروم ماڻهن جي صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي کين معاشري جو ڪارآمد ۽ سرگرم شهري بڻائي سگهجي ٿو. هن نُور کان محروم ماڻهن جي صلاحيتن کي بهتر طريقي سان استعمال ڪرڻ ۽ کين معاشرتي زندگيءَ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ جي قدمن کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن هو به هڪ باعزت ۽ ڪامياب شهريءَ جي حيثيت سان زندگي گذاري سگهن. هن وڌيڪ چيو ته نُور کان محروم ماڻهن کي تعليم، روزگار ۽ ٻين شعبن ۾ هڪجهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن ته جيئن اهي ماڻهو معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته سفيد لَڪڻ جو عالمي ڏينهن ان عهد جو ڏينهن آهي ته اسان نُور کان محروم ماڻهن جي حقن جي تحفظ ۽ سندن زندگيءَ کي آسان بنائڻ ل??ءِ هر ممڪن قدم کڻون. اسپيڪر چيو ته پاڪست??ن جي پارليامينٽ اثرائتي قانونسازيءَ ذريعي خاص ماڻهن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي زن??گي?? ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ ل??ءِ پُرعزم آهي. هن وڌيڪ چيو ته قومي اسيمبلي نُور کان محروم ماڻهن جي سهولت ل??ءِ پاڪست??ن جي آئين کي بريل لکڻيءَ ۾ جوڙيو آهي ۽ قومي اسيمبلي جي ويب سائيٽ کي نُور کان محروم ماڻهن ل??ءِ پهچ جوڳو بڻايو. هن چيو ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي بلڊنگ کي معذورن ل??ءِ پهچ جوڳو بڻايو ويو آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته قومي اسيمبلي نُور کان محروم ماڻهن جي ڀلائي ۽ بهتري ۽ سندن حقن جي تحفظ ل??ءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي. هن نُور کان محروم ماڻهن کي خاص ٽيڪنالاجي جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان نُور کان محروم ماڻهن جي زن??گي?? ۾ آسانيون پيدا ڪري سگهجن ٿيون.