اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي سالگرهه تي چين جي صدر شي جن پنگ پاران مبارڪباد واري پيغام ۽ نيڪ خواهشن تي سندس ٿورا مڃي?? آهن. سماجي رابطي جي ??يب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته صدر شي جن پنگ پاران منهنجي سالگرهه جي ??وقعي تي نيڪ خواهشن جي اظهار تي سندس ٿورا ادا ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته ان خيرسگالي جي جذبي جي ??اءِ سندس ٿورائتو آهيان جيڪو پاڪستان ۽ عوامي جمهوريه چين جي ??چ ۾ مضبوط ڀائيچاري جي ??ضبوط رشتي ۽ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته اسان گڏجي گڏيل مستقبل سان هڪ خوشحال پاڪستان چين ڪميونٽي جي تعمير جي ??اءِ ڀرپور ڪوشش??ن ڪندا رهنداسين.