اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان خيبرپختونخواهه جي مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم کي خيبرپختونخواهه ۾ جاري مختلف شعبن جي ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. وفد ۾ قومي اسيمبلي ميمبر سردار محمد يوسف ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلي ميمبرن س??د قاسم علي شاهه ۽ سردار شاهجهان يوسف شامل هئا. وزيراعظم آف??س جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وفد خيبرپختونخواهه ۾ ترقياتي منصوبن جي وقت سر تڪميل جي لاءِ وفاقي حڪومت پاران ??رپ??ر تعاون تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وفد ملڪ ۾ تازي معاشي استحڪام تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد عوامي ڀلائي جي لاءِ کنيل سمورن قدمن جي لاءِ ??رپ??ر تعاون جو ورجاءُ ڪيو.