اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ ڪليئرنس آپريشنز دوران جوان?? جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر بلوچستان ۾ مختلف واقعن ۾ معصوم شهري?? جي شهادتن تي پ?? تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته دهشتگرد پوري قوم، انسانيت ۽ ترقي جا دشمن آهن، انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين. صدر چيو ته قوم بهادر سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ بيٺل آهي. صدر چيو ته پوري قوم جي مدد سان دهشتگرد عنصر?? جي ڪڌي ارادن کي ناڪام بڻائينداسين. صدر آصف علي زرداري چيو ته قوم شهيد?? جي احسانمند رهندي، انه?? جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي. صدر شهادت ما??ين??ڙ جوان?? جي بهادري ۽ قرباني جي جذبي کي ساراهيو ۽ شهيد?? جي درج?? جي بلندي ۽ گهرڀاتي?? جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.