ڪوئٽا -26 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي علائقي موسيٰ خيل ۾ هٿياربندن 23 مسافرن کي گاڏين مان لاهي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ موقعي تان فرار ٿي ويا. ضلع موسيٰ خيل جي سپرنٽينڊنٽ ??وليس ايوب اچڪزئي موجب واقعو پنجاب بلوچستان جي قومي شاهراهه تي راڙاشم ويجهو پيش آيو. ايس پي شهرين جي مارجڻ جي تصديق ڪندي ??ڌا??و ته ان واقعي ۾ 23 ڄڻن کي گاڏين مان لاهي قتل ڪيو ويو. ايس پي موسيٰ خيل ايوب اچڪزئي ميڊيا سان ڳالهائيندي ??ڌا??و ته لاشن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ايوب اچڪزئي ??ڌا??و ته هٿياربند پنجاب سان تعلق رکندڙ 6 ماڻهن کي مسافر گاڏين مان لاٿو جڏهن ته باقي 17 ڄڻن کي ڪوئلي سان ڀريل ٽر??ن مان لاهي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ پ??ءِ کين فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. موسيٰ خيل ۾ جنهن هنڌ هي واقعو پيش آيو اتي هٿياربندن بي رحماڻي ڪارروائي کان پ??ءِ 10 کان وڌيڪ گاڏين کي به باهه ڏئي ڇڏي. پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربند شاهراه تي ناڪو لڳائي مسافرن کي بسن ۽ ٽر??ن مان لاهي سڃاڻپ کان پ??ءِ قتل ڪري ڇڏيو.