اسلام آباد- 22 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير سيد محسن نقوي جي صدارت هيٺ رات جو دير سان امن امان جو جائزو وٺڻ بابت اعليٰ سطح جو ا??لا?? منعقد ٿيو. گهرو وزارت طرفان جاري بيان مطابق گهرو وزير چيو ته ڪنهن کي ريڊ زون ۾ اچڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. امن امان برقرار رکڻ اسان جي پهرين ترجيع آهي. هن چيو ته احتجاج ڪرڻ هر هڪ ??و حق آ??ي. احتجاج مناسب هنڌ تي ٿيڻ گهرجي ۽ احتجاج سان عوام جي روزاني جي معاملن ۾ خلل نه پوڻ گهرجي. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته عوام جي جا?? ۽ مال جو تحفظ پهرين ذميواري آهي، عوام جي جا?? مال لاءِ قانون جي عملداري کي يقيني بڻايو ويندو. سيد محسن نقوي چيو ته قانون هٿ ۾ وٺ?? وارن خلاف قانون حرڪت ۾ ايندو. ا??لا?? ۾ امن امان جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.