اسلام آباد- 22 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ ڪڇي ڪينال منصوبي بابت اجلاس منعقد ٿيو. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي، صوبائي وزيرن ۽ عملدارن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير هدايت ڪئي ته ماهر ٻن مهينن اندر اندر ڪڇي ڪينال مان 400 کان 500 ڪيوسڪ پ??ڻي کڻي وڃڻ جو حل پيش ڪن. هن چيو ته ڪڇي ڪينال مان بلوچستان جي 7 لک 13 هزار ايڪڙ زمين آبادي ٿ??ندي. مستقبل ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ کان اڳ ڪڇي ڪينال کي بحال ڪرڻ ۽ 500 ڪيوسڪ پ??ڻي جو بحال ٿيڻ ضروري آهي، مقامي آبادي کي جلد کان جلد پ??ڻي فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. احسن اقبال چيو ته اسان کي پنهنجي ترقياتي بجيٽ ۾ فراهم ڪيل محدود وسيلن اندر رهندي ان جو حل ڪڍڻو آهي. پنجاب ۾ ا??بن ڪينال بهترين ڪم ڪري رهيو آهي،اسان کي پنجاب جي ا??بن ڪينال ماڊل کي اختيار ڪرڻ تي سوچڻ گهرجي. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته ٻوڏ 2022ع سبب بلوچستان ا??بن ڪينال کي شديد نقصان پهتو، ڪڇي ڪينال جي بندش سبب ڪمانڊ ايريا ۾ پوکي بند ٿي چڪي آهي، مون کي پوري ??مي?? آهي ته رٿابندي واري وزير جي نگراني هيٺ جلد کان جلد ڪينال ۾ پ??ڻي جي بحالي سميت مستقبل ۾ بهترين لائحه عمل جوڙيو ويندو.