اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته صحت واري عالمي اداري طرفان م??ڪي پاڪس کي پبلڪ هيلٿ ايمرجنسي قرار ڏنو ويو آهي، جنهن کان پوءِ پاڪستان ۾ به ان بيماري جي حوالي سان سخت نگراني جي ضرورت آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري پڌرائي موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ منڪي پاڪس جي حوالي سان اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ هن م??ڪ جي هوائي ??ڏن، بندرگاهن ۽ بارڊرز تي منڪي پاڪس جي اسڪريننگ جي نظام کي موثر بڻائڻ، بارڊر هيلٿ سروسز کي صورتحال جي ڀرپور نگراني ۽ سخت سرويلنس، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر کي منڪي پاڪس صورتحال تي گهري نظر رکڻ جي حوالي سان روزاني جي بنياد تي جائزو وٺڻ لاءِ منڪي پاڪس جي جاچ جي حوالي سان سمورن ضروري اوزارن ۽ ڪٽس جي فراهمي يقيني بڻائڻ، منڪي پاڪس جي پکيڙ کي روڪڻ جي حوالي سان صوبائي ??ڪومتن، گلگت بلتستان جي ح??ومت ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي ح??ومت سان رابطا بهتر بڻائڻ ۽ منڪي پاڪس جي حوالي سان م??ثر ۽ جامع آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي ??هي. وزيراعظم چيو ته هو منڪي پاڪس جي حوالي سان هفتيوار بريفنگ وٺندو، بريفنگ دوران اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ويجهڙ ۾ ئي ??لع مردان جي هڪ شخص ۾ منڪي پاڪس جي وائرس جي تصديق ٿي آهي. متاثر شخص روزگ??ر جي سلسلي ۾ پرڏيهه رهيل هو ۽ ويجهڙ ۾ ئي پاڪستان آيو. متاثر شخص کي قرنطينه ۾ رکيو ويو آهي، متاثر شخص جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ هن وقت منڪي پاڪس جي لوڪل ٽرانسميشن ناهي، صحت واري عالمي اداري طرفان 14 آگسٽ 2024ع تي منڪي پاڪس کي پبلڪ هيلٿ ايمرجنسي قرار ڏنو ويو، جنهن کان پوءِ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان م??ڪي پاڪس جي حوالي سان نيشنل ايڊوائيزري ۽ ضروري هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. وفاقي ح??ومت ۽ صوبائي ??ڪومتون م??ڪي پاڪس جي حوالي سان آگاهي مهم جي شروع??ت ڪري رهيون آهن. ان م??قعي تي ٻڌايو ويو ته منڪي پاڪس جي حوالي سان سول ايوي ايشن اٿارٽي پرڏيهه مان ايندڙ اڏامن جي نگراني ڪندي. صوبائي ??ڪومتون گلگت بلتستان جي ح??ومت ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي ح??ومت سميت اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري، انتظاميه وڏن اسپتالن ۾ آئيسوليشن وارڊز ۽ بسترا منڪي پاڪس جي امڪاني مريضن لاءِ مخصوص ڪيا آهن. اجلاس ۾ وزيراعظم جي صحت بابت ڪو آرڊينيٽر ملڪ مختار ڀرٿ، صحت وارو وفاقي سيڪريٽري نديم محبوب، اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ، چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي چيف سيڪريٽريز، چيف ڪمشنر اسلام آباد، ڪيپيٽل ٽيريٽري ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.