اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرم ضلعي ۾ پاڪ فوج جي دهشتگردن جي ٺڪاڻي جي خلاف ڪامياب ڪارروائي ۽ فتنه الخوارج جي 7 دهشتگردن کي مارڻ ۽ 5 دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ تي آفيسرن ۽ جوانن کي ساراهيندي چيو آه?? ته پاڪ فوج ملڪ جي م??يءَ کي فتنه الخوارج کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات سرگرم عمل ۾ آهي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي سالميت جي لاءِ پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ فرض سرانجام ڏيڻ ۾ مصروف عمل پاڪ فوج جي بهادر آفيسرن ۽ جوانن کي م??ن سميت پوري قوم خراج تحسين پيش ڪري ٿي، دهشتگردي جي لعنت کان ملڪ جي م??يءَ کي پاڪ ڪرڻ جي عزم ۾ پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.