اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ٽيلي ڪميونيڪشن جي شعبي جي ترقي ۽ واڌويجهه جي ??اءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ڏورانهن علائقن ۾ تيز تر موبائيل انٽرنيٽ جي ??راهمي جي ??اءِ قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ميمبر بورڊ آف ڊائريڪٽرز وي آن گروپ سر برينڊن ليوس جي ??يادت ۾ وي آن گروپ/ جيز جي ??فد ملاقات ڪئي. وزيراعظم اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ ڊيجيٽل نيشنل سمٽ ۾ شرڪت ڪندڙ وي آن گروپ جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ٽيلي ڪميونيڪشن جي شعبي جي ترقي ۽ واڌويجهه جي ??اءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ تيز تر موبائيل انٽرنيٽ جي ??راهمي جي ??اءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته وي آن / جيز گروپ پاڪستاني معيشت ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان ۾ ٽيلي ڪميونيڪشن جي شعبي ۽ رابطا وڌائڻ ۾ وي آن/ جيز گروپ جو ڪردار انتهائي اهم رهيو آهي. وفد ڊيجيٽل پاڪستان انيشي ايٽو ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وفد پاڪستاني معيشت کي ڪيس ليس بڻائڻ ۽ ڊيجيٽائيز ڪرڻ جي ??زيراعظم جي ??يزن کي ساراهيو. ملاقات ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام و??ري مملڪتي وزير ش??ه فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪ??ري آفيسر پڻ موجود هئا.