اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي)ڪشميري اڳواڻن يوم استحصال ڪشمير تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪ??دي چيو آهي ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي ڄمون ڪشمير جي خاص حيثيت کي ختم ڪري ڪشميرين جي ثقافت، سڃاڻپ ۽ بني??دي حقن تي حملو ڪيو ۽ اهو دنيا جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي. مسلم ڪانفرنس جي مرڪزي اڳواڻ ۽ آزاد ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم سردار عتيق احمد خان ڪشميرين جي لاءِ يوم استحصال ڪشمير ??ي ڪارو ڏينهن قرار ڏي??دي چيو آهي، ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت کي ختم ڪري ڪشميرين ??ي سڃاڻپ، ثقافت ۽ بني??دي حقن تي حملو ڪيو. ڪشميري اڄ 5 آگسٽ تي اهو ڏهاڙو احتجاج ۽ مظاهرن سان ملهائيندا، ته جيئن عالمي برادري جو ڌيان ڀارتي جارحيت ڏانهن ڇڪائي سگهجي. پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جي صدر چوڌري محمد يا??ين 5 آگسٽ کي سڄي دنيا ۾ يوم استحصال طور ملهائڻ جي اهميت تي زور ڏي??دي چيو ته ڀارت جي غيرقناوني قدمن خلاف ڪشميري عوام متحد ٿي احتجاج ڪندو. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي ترجمان ايڊووڪيٽ عبدالرشيد منهاس چيو ته 5 آگسٽ ڪشميرين جي استحصال جو ڏينهن آهي ۽ اهو ڏينهن ڪشمير جي منفرد سڃاڻپ، ثقافت، آب??دي جي شرح ۽ بني??دي حقن تي حملو آهي. هن ڪشميري عوام کي ان ڏينهن تي مڪمل هڙتال جي اپيل ڪئي. ڄمون ۽ ڪشمير فريڊم موومينٽ جي ڪنوينر ڊاڪٽر زاهد غني ڊار چيو ته ڀارت جو 2019ع جو هڪ طرفو قدم گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي کلي ڀڇڪڙي آهي، هن عالمي برادري ??ي ڪشمير مسئلي ??ي ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق حل ڪرڻ جي اپيل ڪئي.ڪشمير سينٽر لاهور جي اڳوڻي ڊائريڪٽر صادق جرال پنهنجي ردعمل ۾ ڀارتي حڪومت جي پالي??ين تي تنقيد ڪ??دي چيو ته مودي سرڪار ڪشميرين کي وڌيڪ مشڪلاتن جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي.