اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف سان وانگ فوڪانگ جي سربراهي ۾ چين جي 12 رڪني اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب ??زي??اعظم ۽ پرڏيهي ??زي?? اسحاق ڊار، وفاقي ??زي??ن سيد محسن نقوي، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، احد خان چيما، خاص م??اون طارق فاطمي، ??زي??اعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل سان گڏوگڏ چيني سفير جيانگ زائيڊونگ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چيني وفد ??زي??اعظم جي چين جي دوري کانپوءِ چين جي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ حصيداري جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي. 12 رڪني چيني وفد ۾ 10 مختلف وزارتن جا نمائندا شريڪ آهن. ??زي??اعظم چيني قيادت، صدر شي جن پنگ ۽ ??زي??اعظم لي چيانگ جا خصوصي ??ورا مڃيندي چيني وفد جي آجيان ڪئي. چيني ماهرن جو اعليٰ سطحي وفد پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي حوالي سان حصيداري ۽ تعاون ۽ پاڪستان جي روانگي واپار جي فروغ تي پنهنجي راءِ پيش ڪندو. چيني وفد پاڪستان ۾ مختلف وزارتن، شعبي جي ماهرن سان ملاقاتون ۽ مختلف جاين جو دورو ڪندو. چيني وفد انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، صنعت، سيڙپڪاري، توانائي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، خصوصي اقتصادي زونز ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي تجويزون ڏيندو. ??زي??اعظم پنهنجي شروعاتي ڳالهه ٻولهه ۾ وفد کي پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي صلاحيت جي حوالي سان آگاهه ڪيو. چيني وفد جي سربراهه چيو ته گڏيل فني تعاون سان پاڪ – چين اسٽريٽجڪ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، مثالي مهمان نوازي تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون.