اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) ڪامن ويلٿ جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ پنهنجي پهرين سرڪاري دوري تي پاڪ??تا?? پهچي وئي. پاڪ??تا?? طرفان يورپ لاءِ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري شفقت علي خان هوائي اڏي تي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس مان جاري هڪ بيان مطابق سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ پنهنجي پنجن ڏينهن واري دوري دوران پاڪ??تا??ي قيادت، ڪابينه ميمبرن، نوجوانن جي اڳواڻن، سول سوسائٽي جي نما??ند??، اسٽيڪ هولڊرز ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪندي. سيڪريٽري جنرل 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ موسمي تبديلين جي ناڪاري اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ??تا?? سان پنهنجي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي. سندس دوري دوران ٻئي ڌريون پاڪ??تا?? ۽ ڪامن ويلٿ وچ ۾ گڏيل مفاد جي ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪنديون جن ۾ پاڪ??تا?? جا ترقياتي منصوبه، نوجوانن کي با اختيار بنائڻ، واپار ۽ س??ڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ شامل آهن.