اسلام آبا?? -27 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪالهه سعودي عرب جي سفير نواف المالڪي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ مثبت ڀائراڻن لاڳاپن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ۾ تعليم، واپار، سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي خيال?? جي ڏي وٺ ٿي. اجلاس م شريڪ سيڪريٽري تعليم اسلام آباد ۾ ڇوڪري?? جي تعليم تي مسلم ملڪ?? جي ايندڙ ڪانفرنس بابت بريفنگ ڏني. ملاقات جي پڄاڻي تي ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ويو.