اسلام آباد – 31 – جولائي (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ مان پوليوجي مڪمل خاتمي لاءِ رياست ??ا سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا، اهڙا علائقا جتي سيڪيورٽي جا چئلينجز آهن اتي هر ٻار کي پوليو ويڪسين جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم اهڙن خيالن جو اظهار پوليو جي خاتمي جي قومي ٽيم سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ وز??را??ظم جو قومي صحت وارو ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر ملڪ مختار احمد ڀرت، وز??را??ظم جي پوليو جي خاتم?? واري فوڪل پرسن ڊاڪٽر عائشه رضا فاروق، قومي صحت وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر نديم محمود ۽ پوليو جي خاتم?? وارو نيشنل ڪوآرڊينيٽر محمد انوارالحق موجود هئا. وز??را??ظم چيو ته فرنٽ لائين ورڪرز جي محنت حڪومت جي عزم ۽ پارٽنرز جي تعاون سان پاڪستان پوليو جي خلاف اهم اڳڀرائي ڪئي آهي، اها ڳالهه ڳڻتي جوڳي آهي ته پاڪستان ان??ن ٻن ملڪن مان هڪ آهي جتي پوليو جو چئلينج موجود آهي. ان موقعي تي وز??را??ظم کي پوليو جي خاتمي جي حوالي سان حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني ۽ کيس پوليو جي خاتمي جي حوالي سان ٻئين، چوٿين ۽ ڇهين مهيني جي پلان جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو. وز??را??ظم کي ٻڌايو ويو ته 2024ع ۾ هيستائين سڄي ملڪ مان رپورٽ ٿيل پوليو ڪيسز جو انگ 9 ٿي چڪو آهي، سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ ڊسمبر 2024ع ۾ پوليو ويڪسين جي ملڪ گير مهم منعقد ڪئي ويندي. اهڙا ٻار جيڪي پوليو ويڪسين پيئڻ کا?? محروم رهجي ويا، انهن جي ڊيٽا کي ڊيجيٽلائيزڊ ڪيو ويو آهي ته جيئن ڊيجيٽل ٽريڪنگ جي مدد سان انهن جي ويڪسي نيشن ڪئي وڃي.