اسلام آباد – 30 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ??اني پي ٽي آءِ ٻيهر يوٽرن وٺي رهيو آهي، هاڻي هڪدم فوج کي نمائندو مقرر ڪرڻ ج?? آڇ ڪري هي منٿن ميڙن تي لهي آيا آهن، هي ڪڏهن ڳلي مان جهلين ٿا ۽ ڪڏهن پيرين پوڻ شروع ٿي وڃن ٿا، ”آئون ڇڏيندس نه“ کان وٺي ”مون سان ڳالهايو پليز“ تائين جو سفر هن تمام تيزي سان طئي ڪيو، هي ڪڏهن 9 مئي تي حملا ڪن ٿا، ڪڏهن قومي سلامتي جي ادارن جي خ??اف منظم مهم هلائين ٿا، باني پي ٽي آءِ هن ملڪ جي امن ۽ سلامتي جي لاءِ خطرو آهي، جڏهن کان هي جيل ويو آهي اسٽاڪ مارڪيٽ مٿي وئي، روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو، فچ جي ريٽنگ وڌي، آءِ ايم ايف جو معاهدو طئي ٿيو، وياج جي شرح هيٺ آئي، اهي سمورا عمل ان ڳالهه جي علامت آهن ته ??اني پي ٽي آءِ جي هوندي سياست ۽ عملي ميدان ۾ استحڪام نٿو اچي سگهي، هو نڪتو آهي ته ملڪ ۾ استحڪام آيو آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??اني پي ٽي آءِ ڳالهين جي آڇ ڪري منٿن ميڙن تي لهي آيو آهي، هي ڪڏهن 9 مئي تي حملا ڪن ٿا، شهيدن جي يادگارن کي ساڙين ٿا، پنهنجي سوشل ميڊيا سيل مان قومي سلامتي جي ادارن جي خ??اف منظم مهم هلائين ٿا، باني پي ٽي آءِ هن ملڪ جي امن ۽ ملڪي سلامتي جي لاءِ خطرو پيدا ڪيو، جڏهن سندس دل چئي هن آءِ ايم ايف کي خط لکي ڇڏيو ۽ ملڪ کي ڊيفالٽ ڪرڻ ج?? ڪوشش ڪئي، سائفر لوڏي پرڏيهي پاليسي کي سبوتاز ڪرڻ ج?? ڪوشش ڪئي، دوست ملڪن سان ملڪ جا لاڳاپا خراب ڪيا، ڪوڙ تي ٻڌل بيانيو ٺاهيو، سندس آواز پوري دنيا ٻڌو جڏهن هن چيو ته ??سان کي سائفر سان کيڏڻو آهي ۽ ان کي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪرڻو آهي. وفاقي وزير چيو ته ??ڳ ۾ ”ڇڏيندس نه“ بيانيي کان وٺي هاڻي ”پليز مون سان ڳالهه ڪريو“ بيانيي مان ثابت ٿيو ته هي پنهنجي لاءِ حمايت گهري رهيو آهي. هن چيو ته ??اني پي ٽي آءِ جي ڏوهن جي فهرست ايتري ڊگهي آهي جو اها ختم ٿيڻ ج?? نالو نٿي وٺي، ڪور ڪمانڊر هائوس جي ٻاهران سندس ٽئي ڀينرون، ڀاڻيجو ۽ پارٽي اڳواڻ موجود هئا جن??ن جي سي سي ٽي وي فوٽيج به موجود آهي، سندس پارٽي باقاعده اجلاس طلب ڪيو جن??ن ۾ شفقت محمود ۽ صمصام بخاري ڪور ڪمانڊر، فوجي ٺڪاڻن، حساس عمارتن ۽ شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي جي مخالفت ڪئي پر هن جي پارٽي جي ماڻهن چيو ته ??ان نه آهي ته پاڪستان نه آهي، انهن جي سياست سدائين جلاءُ گهيراءُ تي ٻڌل رهي آهي، انهن پي ٽي وي تي پڻ حملو ڪيو، ايس ايس پي عصمت الله جوڻيجو تي حملو ڪيو، انهن پارليامينٽ جو گيٽ ٽوڙيو ۽ اڄ چئي رهيا آهن ته ??نهن سان ڳالهه ٻولهه جي لاءِ نمائندو مقرر ڪيو وڃي. هي ڪڏهن ڳلي مان جهلين ٿا ۽ ڪڏهن پيرين پوڻ شروع ڪن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ جي سلامتي تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، باني پي ٽي آءِ ملڪ جي لاءِ سيڪيورٽي رسڪ آهي، هن اڄ جيل جي اندران هڪ نئين ڪهاڻي ٺاهي آهي ڇو ته کيس خبر آهي ته ??ندس سوشل ميڊيا سيل پڪڙيو ويو آهي جن??ن جون ڪڙيون ملڪ دشمنن سان ملن ٿيون. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا سيل ۾ رئوف حسن سميت سمورا ماڻهو ملڪ دشمن ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا هئا، ملڪ دشمن قوتن سان انهن جا رابطا هئا، انهن رابطن جي ذريعي هي ملڪ دشمن پاليسيون ٺاهي رهيا هئا. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي 11 سالن کان خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت آهي، پي ٽي آءِ خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردن کي واپس آندو ۽ انهن کي رهايو، اڄ اتي حالتون خراب آهن، انهن جي حڪومت دهشتگردي جي خاتمي ۽ امن قائم ڪرڻ ج?? لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن؟ هن چيو ته ??اني پي ٽي آءِ هر ڳالهه تي يوٽرن وٺي رهيو آهي، کيس اها ڳالهه قابل قبول ئي نه هئي ته ??دارو نيوٽرل ٿي ويو، هاڻي انهن جي ڪوشش آهي ته پنهنجي سياسي مفادن جي لاءِ اداري کي سياست ۾ ملوث ڪن. هن چيو ته ??ها ڪهڙي قسم جي سياست آهي جيڪا منافقت تي ٻڌل آهي. وفاقي وزير چيو ته ??اني پي ٽي آءِ اڄ تائين معيشت جي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا؟ 2018ع ۾ اسان ترقي ڪندڙ پاڪستان ڇڏي ويا هئاسين، شهباز شريف ٻيهر اچي ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو، جيڪڏهن باني پي ٽي آءِ موجود رهي ها ته ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏي ها. ڄ به اسان معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي قائم آهيون، انشاءَ الله هن ملڪ کي ترقي ۽ معاشي استحڪام ڏينداسين. گذريل ڏينهن فچ جي ريٽنگ ۾ به اضافو ٿيو جيڪا ٽرپل سي پلس ٿي وئي آهي، وايج جي شرح به گهٽ ٿي، معيشت جي حوالي سان سٺيون خبرون اچي رهيون آهن، روانگي واپار ۾ 3 ارب ڊالر جو اضافو ٿيو آهي، اهي سمورا اشارا ٻڌائي رهيا آهن ته معيشت ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ حالتون بهتري طرف وڃي رهيون آهن. هن چيو ته ??اني پي ٽي آءِ جي ٻٽي معيارن ۽ منافقاڻي سياست آهي، هو پنهنجي ملڪ دشمن ايجنڊا کي ڏسندي چئي رهيو آهي ته مون س??ن پليز ڳالهايو. هڪ طرف هو 9 مئي جي واقعن جو اعتراف ڪري ٿو ته مون چيو هو ته ??ي ايڇ ڪيو وڃو ۽ احتجاج ڪريو ۽ ٻئي طرف هو پولي گراف ٽيسٽ کان ڀڄي ٿو ڇو ته هو ڄاڻي ٿو ته ??ن ٽيسٽ سان سچ ثابت ٿي ويندو ته هي 9 مئي جي حملن جو منصوباساز هو. هن قومي سلامتي جي ادارن جي خ??اف نوجوانن جي ذهنن ۾ زهر اوڳاڇيو، ٻاهرئين ملڪ ويٺل پاڪستانين کي تشدد تي ڀڙڪايو ۽ اڄ چئي رهيو آهي ته ”پليز مون سان ڳالهه ڪريو“، اڄ سندس منٿون ميڙون ڪرڻ ج?? پروگرام جاري ٿيو آهي جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ??ندس هڪ سيل پڪڙيو ويو آهي جن??ن ۾ ثبوت موجود آهن، انشاءَ الله تمام جلد اهي سمورا ثبوت قوم آڏو ايندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جن??ن ڏينهن ک??ن پي ٽي آءِ چيئرمين جيل ويو آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ مٿي وئي آهي ڇو ته ??ن سان نيگيٽو سينٽيمنٽس واڳيل هئا، باني چيئرمين پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي جيلن ۾ وڌو، انهن جا ڪاروبار بند ڪيا، ٽي وي چينلز جي مالڪن کي جيلن ۾ وڌو. جڏهن کان هي جيل ۾ آهي اسٽاڪ مارڪيٽ مٿي وڃي رهي آهي، روانگي واپار وڌي رهيو آهي، فچ جي ريٽنگ ۾ اضافو ٿيو آهي، آءِ ايم ايف جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي، وياج جي شرح هيٺ آئي آهي، اهي سمورا عنصر ان ڳالهه جي علامت آهن ته هن ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪو ڊي اسٽيبلائزنگ عنصر آهي ته ??هو باني پي ٽي آءِ آهي جيڪو عدم استحڪام کي فروغ ڏي ٿو، ان جي هوندي سياست ۽ عملي ميدان ۾ استحڪام نه ٿو اچي سگهي، هو نڪتو آهي ته ملڪ ۾ استحڪام آيو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ دهشتگرد پارٽي آهي، ان جي اچڻ کان اڳ سياست ۾ ماڻهو هڪ ٻئي جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيندا هئا، ماڻهو سياست کي سياسي مخالفت جي طور تي وٺندا هئا، پي ٽي آءِ سياسي مخالفت کي دشمني ۾ تبديل ڪيو، گارگند جي ڪلچر کي فروغ ڏنو، عورتن جي تذليل ڪئي، ڌمڪي آميز رويو اختيار ڪرڻ ج?? مشن ٺاهيو. هي دهشتگرد پارٽي آهي ۽ ان کي انهي لاءِ تحريڪ طالب??ن پاڪستان تحريڪ انصاف (ٽي ٽي پي ٽي آءِ) چئون ٿا، هي طالبان کي انهي لاءِ واپس آندو هو ته ??هيدن جو مذاق اڏايو وڃي، انهن کي پاڪستان جي سالميت سان ۽ ملڪ جي ترقي سان ڪو غرض نه آهي، انهن جو ڪم ڪوڙو بيانيو ٺاهي ملڪ جي خ??اف سازشون ڪرڻ آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ??ان صاحب بگڙيل ٻار آهي، جڏهن ان تي مشڪل اچي ته هو روئڻ شروع ڪري ٿو، جڏهن راڻا ثناءُ الله جي گاڏي ۾ هيروئن وجهرائي پئي وئي ته ??ڏهن بگڙيل ٻار ڪير هو؟ جڏهن مريم نواز کي سندس والد جي سامهون اذيت ڏيڻ ج?? لاءِ گرفتار ڪيو ويو ته ??ڏهن بگڙيل ٻار ڪير هو؟ خان صاحب منهن تي هٿ ڦيري چوندو هو ته ??ئون اي سي لاهي ڇڏيندس، گهر جو کاڌو کڻي وڃڻ نه ڏيندس، دوائون بند ڪندس. هن چيو ته ??ها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته هڪ بگڙيل ٻار چوندو هو ته ??ئون ڇڏيندس نه، هو جيڪو چوندو هو ته ڪجهه نٿو ٿئي، هاڻي هو روئي ٿو ته چپ به نه ٿو ڪري.