اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ضلع خيبر جي پوليس چوڪي تخته بيگ تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بن??ئڻ تي ايف سي ۽ پوليس اهلڪارن جي بهادري کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو معاملن واري وفاقي وزير چيو ت?? دهشتگردن جي فائرنگ سبب شهيد ايف سي اهلڪار شهزاد ۽ شهيد پوليس اهلڪار اعجاز جي عظيم قرباني کي خراج عقيد?? پيش ڪيون ٿا، شهيد ايف سي اهلڪار شهزاد ۽ شهيد پوليس اهلڪار اعجاز جو جرئت سان دهشتگردن جي مڪروهه عزمن کي مٽي ۾ ملايو. هن چيو ت?? دهشتگردن خلاف بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ ٻنهي سپوتن کي قو?? سلام پيش ڪري ٿي. شهيد ايف سي اهلڪار شهزاد ۽ شهيد پوليس اهلڪار اعجاز پنهنجي جان ڏئي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻايو. وفاقي وزير چيو ت?? شهيد ايف سي اهلڪار شهزاد ۽ شهيد پوليس اهلڪار اعجاز جي لازوال قرباني کي قو?? هميشه ياد رکندي. شهيد ٿيل ٻنهي جوانن جي بهادري تي قو?? کي ناز آهي. خيبر پختونخوا پوليس ۽ ايف سي جي لازوال قربانين کي خراج عقيد?? پيش ڪندي وفاقي وزير چيو ت?? خيبر پختونخوا پوليس ۽ ايف سي جي بهادر جوانن ۽ آفيسرن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪيو. خ??بر??ختونخوا پوليس ۽ ايف سي جي قربانين جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي. هن چيو ت?? اتحاد ۽ اتفاق سان دهشتگردي جي ناسور جو مڪمل خاتمو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون.