اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني صنعتن کي پاڪستان منتقل ڪرڻ جي لاءِ چيني ۽ پاڪستاني ڪمپنين جي گڏيل منصوبن کي اڳتي وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي. سيڙپڪاري بورڊ (بي او آءِ) جي معاملن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس جي صدارت ڪندي و??يراعظم محمد شهباز شريف چي?? ته پاڪستان ۾ مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چي?? ته حڪومت واپارين ۽ سيڙپڪارن لاءِ ڪاروبار دوست ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عم??دارن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي تازي چين جي دوري دوران شينزين ۾ پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين جي وچ ۾ ٿيل مفاهمتي يادداشتن (ايم او يوز) جي پوئيواري بابت جامع رپورٽ پيش ڪن. هن پنهنجي چين جي دوري کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جي روشني ۾ خصوصي اقتصادي زونز ون اسٽاپ شاپ جي قانوني مسودي جو جائزو وٺڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چي?? ته چين جي ٽيڪسٽائيل، چمڙي، جُوتن ۽ ٻين صنعتن کي پاڪستان ۾ منتقل ڪرڻ جي وڏي گنجائش موجود آهي. ان موقعي تي بريفنگ دوران بي او آءِ جي سيڪريٽري ٻڌاي?? ته چيني صنعتن کي پاڪستان منتقل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ۽ اسلام آباد ۾ واپاري سهُولت مرڪز قائم ڪرڻ لاءِ چيني ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته ”ايزي بزنس ايڪٽ“ جو مسودو قانوني ڪيسن بابت ڪابينا ڪميٽي ڏانهن اماڻيو پيو وڃي. اجلاس ۾ نجڪاري ۽ سيڙپڪاري و??ري وفاقي و??ير عبدالعليم خان، واپار واري وفاقي و??ي?? ڄام ڪمال، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي و??ير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وفاقي و??ير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل سينيئر سرڪاري عم??دارن شرڪت ڪئي.