اسلام آباد – 25 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پاڪستان جي سمورن ملڪن سان پرامن، تع??ون تي ٻڌل ۽ سٺي پاڙيسري لاڳ??پن کي برقرار رکڻ جي عزم تي زور ڏنو آهي. انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد جي 51 هين يوم تاسيس کي خطاب ڪندي هن مڪالمي جي اهميت، بلاڪ جي سياست کان پاسو ڪ??ڻ ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي پاسداري تي روشني وڌي. اسحاق ڊار اقتصادي ترقي ۽ علائقائي امن تي پاڪستان جي ڌيان تي زور ڏنو. هن چين سان پاڪستان جي مضبوط اسٽريٽجڪ حصيداري، پاڙيسري ۽ وڏين طاقتن سان گهري لاڳ??پن جي خواهش ۽ گهڻ رخي عزم تي پڻ زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته سڀ کان وڏو مقصد علائقائي رابطن ۽ اقتصادي سلامتي کي وڌائڻ آهي. پرڏيهي وزير چيو ته چئلينجز جي باوجود پاڪستان ثابت قدم رهيو آهي. هن خطرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ رابطن، مڪالمي ۽ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏيندي هڪ گڏيل تع??ون تي ٻڌل موقف جي وڪالت ڪئي جيڪو سمورين قومن جي مفادن ۽ خواهشن جو احترام ڪري. هن بلاڪ جي سياست جي پاڪستان پاران مخالفت جو ورجاءُ ڪيو، ڇڪتاڻ تي تع??ون کي فوقيت ڏيڻ ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي عزم جي توثيق ڪئي. هن چيو ته اسان هڪ وڌندڙ هنگاماخيز ۽ خطرناڪ دنيا ۾ رهي رهيا آهيون، جنهن ۾ روايتي ۽ نوان سيڪيورٽي خطرا لاحق آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو موقف هڪ پرامن پاڙيسريت جي پاليسي ۽ پائيدار اقتصادي ترقي تي آهي، جنهن ۾ امن ۽ ترقي جي وچ ۾ رابطي تي زور ڏنو ويو آهي. هن چيو ته پرامن، مستحڪم، متحد ۽ خوشحال افغانستان پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. نائب وزيراعظم چيو ته آگسٽ 2021ع ۾ طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پاڪستان انساني بحران کان بچڻ ۽ افغان عوام جي حمايت جي لاءِ افغانستان سان تع??ون ڪيو آهي. پاڪستان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغان سرزمين ڪنهن به رياست جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي ۽ افغان عملدارن تي زور ڏنو ته اهي ان حوالي سان خدشا ختم ڪن. اسحاق ڊار چيو ته هڪ پرامن، مستحڪم افغانستان ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي ۽ وچ ايشيا ۽ ان کان ٻاهر خوشحالي کي فروغ ڏيندو. هن چيو ته پاڪستان ڀارت سان گڏيل احترام، خودمختياري برابري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل جي بنياد تي سٺي لاڳ??پن جو خواهشمند آهي. ڪنهن به هڪطرفي موق?? مڙهڻ جي ڪوششن کي رد ڪندي هن وڌيڪ چيو ته اسان ڏک?? ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام کي برقرار رکنداسين ۽ نئين دهلي ۾ هندوتوا تي ٻڌل حڪومت پاران ڪنهن به غيرسوچيل سمجهيل فوجي ڪارروائي جو فيصلائتو جواب ڏينداسين. هن چيو ته ڀارتي قبضي هيٺ غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي هڪطرفي قدمن سان ٻطرفي لاڳ??پن کي نقصان پهتو ۽ ڀارت تي زور ڏنو ته هو بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي. هن ڀارت تي زور ڏنو ته هو رياستي سرپرستي ۾ پنهنجي دهشتگردي بند ڪري ۽ مثبت لاڳ??پن جي لاءِ ٺوس قدم کڻي. اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته ڏک?? ايشيائي ملڪن کي غربت ۽ انساني ترقي جي درجابندي ۾ گهٽتائي کي ختم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڏک?? ايشيائي علائقائي تع??ون تنظيم (سارڪ) هڪ ميمبر ملڪ جي هٺ ڌرمي جي ڪري تع??ل جو شڪار آهي. هن چين سان پاڪستان جي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي ان جي پرڏيهي پاليسي ۾ اهم حيثيت تي زور ڏنو. چائنا پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور (سي پي اي سي) پاڪستان جي معيشت ۽ علائقائي خوشحالي کي فروغ ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي تازي دوري ٻنهي ملڪن پاران ٻطرفن لاڳ??پن ۽ سي پيڪ جي لاءِ اسٽريٽجڪ اهميت جي توثيق ڪئي آهي. هن چيو ته سي پيڪ جي 10 شامل ڪرڻ تي پاڪستان صنعتڪاري، ڊيجيٽلائيزيشن، سبز قدمن، زراعت ۽ عوامي مٽاسٽا تي ڌيان ڏيندي ان جي اپ گريڊ ورزن کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. هن چيو ته چيني عملي ۽ منصوبن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ سان پاڪ چين لاڳاپا ٻنهي ملڪن کي فائدو پهچائيندا رهندا. هن چيو ته پاڪستان ايران، نار ملڪن، ترڪيه، وچ ايشيائي رياستن ۽ آذربائيجان سان گهري حصيداري جو خواهشمند آهي، خصوصي سيڙپڪاري جي سهولت ڪائونسل جي ذريعي واپار، سيڙپڪاري ۽ علائقائي رابطن کي ترجيح ڏني ويندي. هن چيو ته آمريڪا سان مستحڪم لاڳ??پن کي برقرار رکڻ تمام ضروري آهي، اهڙي طرح روس، يورپي يونين، جاپان ۽ آسيان جهڙي وڏين طاقتن سان لاڳ??پن کي فروغ ڏيڻ به اهم آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي 26 – 2025ع جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اڳتي ميمبرشپ عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ ان جي عزم کي اجاگر ڪري ٿي. ان کان اڳ آءِ ايس ايس آءِ جي ڊائريڪٽر جنرل ايمبيسڊر سهيل محمود اداري جي ڪارڪردگي تي روشني وجهندي چيو ته ان عالمي حصيدارن سان تع??ون وڌايو آهي. آءِ ايس ايس آءِ جولاءِ 2023ع کان جون 2024ع دوران 130 تقريبون منعقد ڪيون ۽ 150 کان وڌيڪ جاري ڪيل بريفس شايع ڪيا. ان کانسواءِ ٽي نوان ڪتاب ۽ ٽي خصوصي رپورٽون پڻ متعارف ڪرايون پيون وڃن.