اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين ۽ پ????ست??ن جا پراڻا ۽ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، چين پا??ست??ن جي ترقي ۾ اهم حصيدار آهي، پا??ست??ن هر محاذ تي چين سان گڏ بيٺل رهندو، چيني شهرين جي سيڪيورٽي ۽ تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، روانگي واپار وڌائڻ جي حوالي سان چيني تجربن مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا، پا??ست??ن زراعت جي شعبي ۾ جدت ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال سان زرعي پيداوار وڌائڻ جي حڪمت عملي تي ڪاربند آهي، سي پيڪ جي اڳئين مرحلي جي لاءِ اسان کي پنهنجي افرادي قوت کي بهترين فني تربيت ڏيڻي آهي، پا??ست??ن آءِ ٽي سيڪٽر جي فروغ جي لاءِ چين جي آءِ ٽي انڊسٽري جي مهارت مان فائدو کڻڻ جو ??واهشمند آهي، چيني ڪمپنيون پا??ست??ن ۾ اليڪٽرڪ ۽ هائبرڊ گاڏين جا پلانٽ لڳائين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پا??ست??ن ۾ چيني ڪمپنين جي نمائندن جي وفد وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم وفد کي ڀليڪار چيو ۽ انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته چين ۽ پ????ست??ن جا پراڻا ۽ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، چين پا??ست??ن جي ترقي ۾ اهم حصيدار آهي. هن چيو ته چين پا??ست??ن جي هر ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي جنهن تي مون سميت پوري قوم چيني قيادت ۽ چيني عوام جي ٿورائتي آهي. سندس چوڻ هو ته پا??ست??ن هر محاذ تي چين سان گڏ بيٺل رهندو. وزيراعظم چيو ته چيني شهرين جي سيڪيورٽي ۽ تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، پا??ست??ن ۾ رهندڙ چيني شهرين کي فول پروف سيڪيورٽي ڏيڻ جي حوالي سان سمورا ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ان حوالي سان هڪ جامع پلان جوڙيو ويو آهي. وزيراعظم چيني ڪمپنين کي اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ بي ٽو بي ٽرانزيڪشنز تحت صنعتون لڳائڻ جي ترغيب ڏني. هن چ يني ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي پا??ست??ن ۾ پنهنجون صنعتون قائم ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ ٽو جي حوالي سان ڀرپور تياري ڪري رهيا آهيون، منهنجي چين جي ايندڙ دوري جو محور سي پيڪ ٽو ۽ پ????ست??ن ۽ چين جي وچ ۾ معاشي لاڳاپن جو وڌيڪ فروغ هوندو. وزيراعظم چيو ته چين دنيا جي ٻي وڏي معيشت آهي جيڪا اسان جي لاءِ انتهائي خوشي ۽ اطمينان جو ??بب آهي، چين جهڙي طرح 700 ملين ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو اهو اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته روانگي واپار وڌائڻ جي حوالي سان چيني تجربن مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته چين پا??ست??ن جي برامدات کي چين ۽ خطي جي ٻين ملڪن تائين پهچائڻ ۾ پنهنجي تجربن جي روشني ۾ پا??ست??ن جي مدد ڪري. وزيراعظم چيو ته پا??ست??ن هڪ زرعي ملڪ آهي، زراعت جي شعبي ۾ جدت ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال جا خواهشمند آهيون، پا??ست??ن آءِ ٽي سيڪٽر جي فروغ جي لاءِ چين جي آءِ ٽي انڊسٽري جي مهارت مان فائدو کڻڻ جو ??واهشمند آهي. وزيراعظم وفد کي آگاهه ڪيو ته حڪومت ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، حڪومتي سطح تي سڌارا ڪيا پيا وڃن، ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي، ٽيڪس نظام ۾ ليڪجز جو ??اتمو ۽ بجلي جي چوري جي خلاف قدم کنيا پيا وڃن، رياستي ملڪيي ادارن جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي جنهن سان قومي خزاني کي فائدو ٿيندو. وزيراعظم چيني ڪمپنين جا سمورا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ پا??ست??ن چين جي سي سي جي حوالي سان منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته پا??ست??ن ريلوي ۾ لائين ون جي اپ گريڊيشن، قراقرم هاءِ وي جي ري الائنمنٽ، خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪرڻ، گوادر بندرگاهه ۽ ايگري ڪلچر ڊيمانسٽريشن زونز سي پيڪ جا ترجيحي منصوبا هوندا. چيني ڪمپنين جي نمائندن پا??ست??ن کي پنهنجو ٻيو گهر قرار ڏنو. چيني ڪمپنين جي نمائندن پا??ست??ن ۾ پنهنجي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ??ظهار ڪيو. ملاقات ۾ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وفاقي گهرووزير سيد محسن رضا نقوي، پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، پورٽس اينڊ شپنگ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي، پا??ست??ن ۾ مقرر چين جي سفير جيانگ زيڊونگ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.