اسلام آباد – 01 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ججز جي خط جو معامل?? عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، اه??ن معاملن تي سياست نه ٿيڻ گهرجي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججن جي خط کي بحث هيٺ آڻڻ جي لاءِ سني اتحاد ڪائونسل جي التوا واري رٿ تي ??وم?? اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چيف جسٽس معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ورتو آهي?? اهو معامل?? عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ان معاملي تي هڪ بئنچ پڻ جوڙي ڇڏي آهي، اه??ن معاملن تي سياست نه ٿيڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪنهن به معاملي کي بحث هيٺ نٿو آڻي سگهجي.