اسلام آباد– 01 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف عل?? زرداري پاڪستان ۽ ترڪم??نس??ان جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ معاه??ي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چ??و آهي ته معاهدي تي صحيحن سان واپار کي سگهه، علائقائي رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ خطي ۾ اقتصادي سرگرميون وڌائڻ ۾ مدد ملندي. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ ترڪم??نس??ان جي سفير عطا جان موولاموف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. سفير صدر کي ٻيو ڀيرو صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ تاپي گئس پائيپ لائين جي جلد تڪميل جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو ويو جنهن سان نه رڳو پاڪستان جي معيشت کي سهارو ملندو پر ملڪ جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي. صدر ترڪم??نس??ان جي سفي?? جي آجيان ڪندي چ??و ته پاڪستان ترڪم??نس??ان سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي صديون پراڻي تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رابطن جي ڪري خصوصي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي جي مٽاسٽا کي وڌائڻ چاهي ٿو. هن پاڪستان پاران ترڪم??نس??ان سان گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپا?? جي موجوده ڪاٿي کي ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. صدر آصف عل?? زرداري چ??و ته پاڪستان ترڪم??نس??ان سان اعليٰ سطحي مٽاسٽا کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده واپاري ڪاٿو وڌائڻ جي پڻ ضرورت آهي. سفير صدر کي ترڪم??نس??ان جي صدر سردار بردي محمدوف ۽ اڳوڻي صدر گربانگولي بردي محمدوف پاران مبارڪباد پيش ڪئي. ان موقعي تي ترڪم??نس??ان جي سفير چيو ته پاڪ – ترڪمان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدو نه رڳو ٻنهي دوست ملڪن پر خطي جي لاءِ پڻ اهم آهي. هن چيو ته معاهدي سان خطي ۾ وڏيون ٽرانزٽ واپاري سرگرميون شروع ٿينديون. صدر ملاقات دوران ترڪم??نس??ان جي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ مبارڪباد جي پيغام تي ٿورا مڃيا.