اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ٻطرفن لاڳاپن کي ڪارائتو، اسٽريٽج?? ۽ ??قتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ کي ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته روڊ ٽو مڪه پر??جيڪٽ جو دائرو وڌائڻ سان پاڪستاني حاجين کي سهولت ملندي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزي??اع??م خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پا??ان سندس وزي??اع??م جي عهدي تي ٻيهر چونڊ تي نيڪ خواهشن جي اظهار تي ٿورا مڃيا. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ خصوصي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزي??اع??م چيو ته سعودي عرب جو سفير اهو پهريون غيرملڪي سفير آهي جيڪو وزي??اع??م جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ساڻس ملاقات ڪري رهيو آهي. وزي??اع??م چيو ته سندس حڪومت جي ترجيح پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ هر آزمائش تي پورو لهندڙ ٻطرفن لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند، اسٽريٽج?? ۽ ??قتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻو پوندو، جنهن ۾ ڌيان سعودي سيڙپڪاري کي پاڪستان ۾ منصوبن جي لاءِ راغب ڪرڻ تي ??هندو. وزي??اع??م ”روڊ ٽو مڪه“ پر??جيڪٽ جو دائرو وڌائڻ تي ??عودي عملدارن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ان سان پاڪستاني حاجين کي سهولت ملندي. وزي??اع??م کي سعودي عرب جي دوري جي دعوت ڏيندي سعودي سفير وزي??اع??م کي سعودي قيادت پا??ان مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. هن چيو ته سعودي عرب مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير جي لاءِ سدائين قابل اعتماد حصيدار رهندو.