ڪراچي – 29 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مسجدون ملڪ جي ????اج?? ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ مذهبي اخ??اقيات سان گڏوگڏ اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي ت??لي?? جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، مسجدن کي مسلمان معاشري ۾ مرڪزي مقام حاصل آهي ۽ انهن کي ماڻهن کي بيمارين کان بچاءُ ۽ ٻين اهم س??اج?? مسئلن کان آگاهي جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ت??لي?? جي فروغ ۽ صحت جي مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ مسجدن ۽ مدرسن جي ڪردار بابت اجلاس جي ??دارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر انيق احمد ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي ??المن شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اجلاس کي خطاب ڪندي ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ناڪافي ت??لي??ي انفراسٽرڪچر جي ڪري 26 ملين اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي ت??لي?? ڏيڻ هڪ مشڪل ڪم آهي. هن وڌيڪ چيو ته نئين اسڪولن جي ??عمير ۾ تمام گهڻن وسيلن سان گڏوگڏ وقت گهربل هوندو. ان ڏس ۾ سڄي ملڪ ۾ اٽڪل اڍائي لک مسجدون انهن ٻارن کي ت??لي?? طرف واپس آڻڻ جي لاءِ هڪ منفرد ۽ گهٽ خرچ رستو ذريعو بڻجي ??گهن ٿيون. صدر چيو ته حڪومت جي ??يڪسلريٽڊ لرننگ پروگرام کي شامل ڪري مسجدن کي ت??لي?? جي مرڪزن طور استعمال ڪري سگهجي ٿو، وڌيڪ اهو ته مسجدون معاشري جي مرڪز ۾ هجڻ گهرجن جيڪي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ دنياوي ۽ ديني ت??لي?? فراهم ڪن ٿيون. مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري نگران وفاقي وزير اجلاس کي ٻڌايو ته مسجدن ۾ ت??لي??ي سرگرمين جي نگراني ڪندڙ ”پيش امام“ جي ڪردار کي وڌائي مسجدن کي وڌ کان وڌ استعمال ڪري سگهجي ٿو. اجلاس جي ??رڪت ڪندڙن صدر جي ويزن کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ان خيال کي حقيقت ۾ بدلائڻ جي لاءِ پيش امامن جي ??لاحيت ۾ اضافو ضروري آهي.