اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڀائر ملڪن جي گڏيل فائدي جي ??اءِ اقتصادي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان تاجڪستان سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، تاجڪستان پاڪستان جو سڀ کان ويجهو ۽ وچ ايشيائي ??اڙيسري ملڪ آهي، پاڪستان ۽ تاجڪستان جي ??چ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون جا وسيع امڪان آهن. ايوان صدر جي ??ريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ تاجڪستان جي سفير سان ڳالهائي رهيو هو، جنهن الوداعي ملاقات ڪئي ??ئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسلامو فوبيا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي اسلامي دنيا ۾ تعاون لازمي آهي، جديد دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون وڌندو. صدر واپار، توانائي ۽ دفاع سميت گڏيل دلچسپي ج?? سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان غزه جي عوام جي ڏک ۾ دل جي گهراين سان شريڪ آهي، غزه ۾ اسرائيلي فورسز انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ڪري رهيون آهن، غزه مان دردناڪ منظر سامهون اچڻ جي باوجود عالمي برادري اسرائيلي ظلمن کي روڪڻ ۾ ناڪام رهي. صدر عهدو ڇڏيندڙ سفير کي اسلام آباد ۾ پنهنجي ??لازمت جي ??دي جي ڪاميابي س??ن تڪميل تي مبارڪباد ڏني. صدر پاڪستان ۽ تاجڪستان جي ??چ ۾ دوستاڻي لاڳاپن جي ??روغ جي ??اءِ سفير جي ڪوششن کي س??راهيو.