لاهور – 01 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت ۽ نجي شعبي جي حصيداري سان ترقياتي ماڊل قومي اقتصادي ترقي جي لاءِ مثبت نتيجا رکندڙ ٿي سگهي ٿو، ڪاروب??ر جي فروغ جي لاءِ پنجاب حڪومت جا قدم ساراهه جوڳا آهن، وفاقي حڪومت ڪاروب??ر جي لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪ??دي. هو بزنس فيسيلي ٽيشن سينٽر (بي ايف سي) ۾ واپاري برادري سان ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نق??ي، چيف سيڪريٽري پنجاب، آءِ جي پنجاب، بزنس ڪميونٽي سميت ٻيا پڻ موجود هئا. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته بزنس فيسيلي ٽيشن سينٽر پنجاب حڪومت جو هڪ بهتر قدم آه?? جتي هڪ ئي ڇت جي هيٺ سموريون سهولتون ميسر هونديون، وفاقي حڪومت ڪاروب??ر جي لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪ??دي. هن چيو ته ڪاروباري برادري ۽ حڪومت جي وچ ۾ بهتر لاڳاپن سان روزگ??ر جي موقعن، ٽيڪس ۽ جي ڊي پي جي واڌويجهه جي شرح کي وڌائڻ ۾ مدد مل??دي. بزنس فيسيلي ٽيشن سينٽر جي خيال کي ساراهيندي نگران وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت ڪاروب??ر جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ۽ ان کي سنڌ، خيبرپخوتنخواهه ۽ بلوچستان تائين وڌايو ويندو. هن وفاقي حڪومت پاران ڪاروباري شعبي جي لاءِ ڪيترن ئي قدمن ذريعي هر قسم جي سهولت فراهم ڪرڻ جو پڻ يقين ڏياريو. هن ڪاروب??ر جي فروغ لاءِ پنجاب جي وڏي وزير محسن نق??ي ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو.