اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ايران جي شهر ڪرمان ۾ دهشتگرد حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ??ه دهشتگردي عالمي امن جي لاءِ خطرو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام پاران ايران جي حڪومت ۽ عوا?? سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي جي ان بزدلاڻي فعل جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، پاڪستان سميت خطي جا اڪثر ملڪ دهشتگردي جو شڪار آهن، اسان دهشتگردي جي نتيجي ۾ ان ڏک کي سمجهي ??گهون ٿا. هن چيو ته ڏک جي هن گه??يءَ ۾ ايراني حڪومت ۽ ايران جي عوا?? سان گڏ بيٺل آهيون، اسان جون دعائون ايران جي حڪومت ۽ عوا?? سان گڏ آهن. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير متاثرين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحت??اب?? لاءِ دعا ڪئي.