مظفر آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني قدمن سان ڪش??يرين جي آزادي جي جدوجهد ڪمزور نه ٿيندي پر وڌيڪ مضبوط ٿيندي، پاڪستانين جي دل پنهنجي ڪش??يري ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڪش??ير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق ۽ قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪ??ر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چيمبر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. آزاد ڪش??ير جي وزيراعظم نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي آزاد ڪش??ير اچڻ تي ڀليڪار چئي. آزاد ڪش??ير جي وزيراعظم ۽ قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ڄمون ۽ ڪش??ير جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستانين جي دل پنهنجي ڪش??يري ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قدمن سان ڪش??يرين جي آزادي جي جدوجهد ڪمزور نه پر وڌيڪ مضبوط ٿيندي.