اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي ”اڊاپٽ اي فيملي پروگرام“ جهڙن منصوبن بابت آگ??هي مهم هلائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هي پروگرام غربت جي خاتمي لاءِ موثر متبادل حڪمت عملي هجڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو، سماجي ڀلائي جي منصوبن جي لاءِ بينظير انڪ?? سپورٽ پروگرام جو وسيع ڊيٽابيس انتهائي ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم ??في?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان بينظير انڪ?? سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن ۽ اخوت فائونڊيشن جي باني ڊاڪٽر امجد ثاقب ۽ دنيا فائونڊيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو ??في??ر ميان عامر محمود ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم کي دنيا فائونڊيشن ۽ اخوت فائونڊيشن جي گڏيل حصيداري سان ٿيندڙ ”اڊاپٽ اي فيملي پروگرام“ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم چيو ته اڊاپٽ اي فيملي پروگرام غربت جي خاتمي لاءِ موثر متبادل حڪمت عملي هجڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. نگران وزيراعظم اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي ”اڊاپٽ اي فيملي پروگرام“ جهڙن منصوبن بابت آگ??هي مهم هلائڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته ماڻهن ۾ سماجي ڀلائي جي منصوبن بابت آگ??هي ۽ شعور پيدا ڪرڻ انتهائي اهم آهي، سماجي ڀلائي جي منصوبن جي لاءِ بينظير انڪ?? سپورٽ پروگرام جو وسيع ڊيٽابيس انتهائي ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو.