روالپنڊي -21 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڏکڻ وزيرستان ۽ ڊيره اسماعيل خان ۾ ڳجهي معلومات تي ڪارروائيون ڪيون جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 ده??تگ??د مارجي ويا، جڏهن ته ڏکڻ وزيرستان ۾ ديسي ساخت جو بم ڦاٽڻ سبب پاڪ فوج جو جوان شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر مطابق 20 نومبر 2023ع تي ڊيره اسماعيل خان ضلع جي علائقي ڪلاچي ۾ انٽيلي??نس تي ٻڌل آپريشن ڪيو ويو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ بعد 2 ده??تگ??د مارجي ويا. ڏکڻ وزيرستان جي علائقي ڪوٽ اعظم ۾ ڪيل هڪ ڌار ڪارروائي ۾ هڪ ٻيو ده??تگ??د مارجي ويو. مارجي ويل ٽنهي ده??تگ??دن وٽان هٿيار هٿ ڪيا ويا جيڪي سيڪيورٽي فورسز سان گڏوگڏ معصوم شهرين خلاف ده??تگ??دي جي ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ استعمال ٿيندا رهيا. هڪ ٻيو واقعو اتر وزيرستان صلع جي غوريوم ۾ پيش آيو جتي هڪ ديسي ساخت جو بم ڦاٽي پيو جنهن جي ن??يجي ۾ سپاهي شاهه زيب جنهن جي عمر 26 سال هئي ۽ هو راولپنڊي جو رهواسي هو شهيد ٿي ويو. علائقي ۾ موجود ڪنهن به ده??تگ??د کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪارروائيون جاري آهن. آءِ ايس پي آر چيو آهي، ته پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز ده??تگ??دي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ اسان جا بهادر سپاهي اهڙيون قربانيون ڏئي اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهيا آهن.