رياض – 10 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سع??دي عرب جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي رياض پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪنگ خالد ايئرپورٽ تي رياض ??ي ن??ئب گورنر شهزاده محمد بن عبدالرحمان بن عبدالعزيز، سع??دي عرب ۾ پاڪستان جي سفير احمد فاروق ۽ اعليٰ سع??دي عملدارن ۽ پاڪستاني سفارتي عملي استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم اسلامي تعاون تنظيم جي فلسطين جي تازي صورتحال تي منعقد هنگامي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.