مظفر آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڪ??مي?? جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق چيو آهي ته 27 آڪٽوبر رياست ڄمون ۽ ڪ??مي?? جي تاريخ ۾ ڪارو ترين ڏينهن آهي، ڀارت 27 آڪٽوبر تي سرينگر ايئرپورٽ تي پنهنجا فوجي لاٿا ۽ رياست تي جابراڻو قبضو ڪري رياست کي هڪ فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، گڏيل قومون ۽ انساني حقن جُون ٻيُون عالمي تنظيمُون ڀارت کي ڪشميرين تي جاري ظلمن کان پري نه رکي سگهيُون، ڪ??مي??ي هر سال ان ڏينهن کي ڪاري ڏينهن طور ملهائين ٿا، ڀارت طاقت جي زور تي ڪشميرين جي آزادي جو جذبو ختم نٿو ڪري سگهي. اهڙ?? خيالن جو اظهار آزاد ڪ??مي?? جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته 27 آڪٽوبر رياست ڄمون ۽ ڪ??مي?? جي تاريخ ۾ ڪارو ترين ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن ڀارت 1947ع تي سرينگر ايئرپورٽ تي پنهنجا فوجي لاٿا ۽ رياست تي جابراڻو قبضو ڪري رياست کي هڪ فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته نريندر مودي گڏيل قومن جي ڪ??مي?? بابت قراردادن جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون آهن ۽ 5 اگسٽ 2019ع تي رياست ۾ سياسي نظام کي لپيٽيندي سياسي قائدين کي نظربند ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڪشميرين جي خودمختاري جو حق عالمي سطح تي مڃيل حق آهي جنهن جي لاءِ ڪ??مي??ي عوام 7 ڏهاڪن کان مسلسل جدوجهد ڪري رهيا آهن ۽ قربانيون ڏئي رهيا آهن. آزاد ڪ??مي?? جي وزيراعظم چيو ته ڪ??مي??ي عوام اڄ به پنهنجي منصفاڻي جدوجهد تي ڄميل آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪ??مي?? ۽ پاڪستان جي عوام ڪشميرين جي پويان بيٺل آهن. آزاد ڪ??مي?? جي وزيراعظم چيو ته ڀارت طاقت جي زور تي ڪشميرين جي آزادي جو جذبو ختم نٿو ڪري سگهي.