ڪوئيٽا-20 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چي?? آهي ته بل??چستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو تعداد باق?? صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، نگران حڪومت ان شعبي ۾ بهترين بنياد وجهي ويندي، وقت اچي وي?? آهي ته تعليمي ادارن مان سياسي مداخلت جو خاتمو ڪيو وڃي. اها ڳالهه هن بيوٽمز يونيورسٽي ڪوئيٽا ۾ صوبي جي مختلف يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز سان ملاقات ۽ تعليمي بهتري لاءِ انهن جي تجويزن، سفارشن بابت جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته بل??چستان جي تعليمي ادارن ۾ مالي ۽ انتظامي مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، هاڻي اسان کي ماضي کي وساري ??ڳت?? وڌڻ گهرجي ۽ ڳالهين ذريعي ئي سمورن مسئلن جو حل ڪڍڻ گهرجي. هن چيو ته نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي هدايت تي بل??چستان جو چئن ڏينهن جو دورو ڪري رهي?? آهيان، ڪوئيٽا اچڻ جو مقصد تعليمي ماهرن، صوبائي حڪومت ۽ دانشورن سان ملاقاتون ڪري تعليم جي شعبي ۾ بهتري لاءِ سفارشون جوڙڻ آهن. هن جو چوڻ هو ته سنڌ ۽ بل??چستان کانپوءِ ٻين صوبن جو به دورو ڪندس، جنهن کانپوءِ تعليم جي شعبي ۾ درپيش چئلينجز ۽ ان جي حل بابت پنهنجي سفارشن تي ٻڌل رپورٽ صدر مملڪت ۽ نگران وزيراعظم کي پيش ڪندس. هن چيو ته تعليم جي شعبي ۾ ڪوالٽي جي مسئلن ۽ ٻين تي ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي جنهن جي سربراهي مان پاڻ ڪندس، نگران حڪومت تعليم جي شعبي ۾ بهترين بنياد وجهي ويندي. وائيس چانسلرز سان اڄ جي ويهڪ شروعات آهي ۽ ان سلسلي ۾ ??ڳت?? وڌايو ويندو، مدد علي سنڌي چيو ته بل??چستان جي تعليمي ادارن جي مسئلن جي حل لاءِ وائيس چانسلرز جي جلد نگران وزيراعظم سان ملاقات ڪرائي ويندي ته جيئن فنڊن ۽ پينشنز سميت ٻين مسئلن جو مستقل حل ڳولي سگهجي. ان موقعي تي هائير اي??وڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد وڊيو لنڪ ذريعي ڳالهائيندي چيو ته هن وقت يونيورسٽين جي ڪوالٽي ۽ گورننس جا مسئلا وڏا آهن، بل??چستان جي تعليمي ادارن لاءِ هائير اي??وڪيشن ڪميشن 223 ملين روپيا ايڊيشنل گرانٽ ڏني آهي.