اسلام آباد – 10 – آڪٽ??بر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پرامن ۽ سازگار ماحول ۾ صاف، شفاف ۽ غيرجانبدارا??يو?? چونڊون يقيني بڻائينداسين. اها ڳالهه هن بلوچستان اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر، بلوچستان حڪومت جي اڳوڻي ترجمان ۽ سينيئر سياستدان فرح عظيم ??اهه سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ چونڊن سميت بلوچستان جي س??اسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پرامن ۽ سازگار ماحول ۾ صاف، شفاف ۽ غيرجانبدارا??يو?? چونڊون يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته بلوچستان جي ترقي ۽ ڀلائي نگران حڪومت جي ذميواري آهي، بلوچستان جي ترقي کانسواءِ پاڪستان جي ترقي نامڪمل آهي. فرح عظيم ??اهه نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي قيادت ۽ قدمن تي مڪمل يقين جو اظهار ڪيو ۽ نگران حڪومت جي معاشي انتظامي پاليسين کي ساراهيو.