ڪوئيٽا – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪوئيٽا انٽرنيشنل ايئرپورٽ ت?? بلوچستان جي گورنر ملڪ عبدالولي خان ڪاڪڙ، بلوچستان جي نگران وڏي وزير مير علي مردان ڊومڪي، گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز بگٽي استقبال ڪيو. ان موقعي تي چيف سيڪريٽر?? بلوچستان شڪيل قادر خان ۽ آ??ِ جي پ??لي?? بلوچستان عبدالخالق شيخ پڻ موجود هئا. نگران وزي??اع??م پنهنجي دوري دوران بلوچستان صوبي ۾ نيشنل ايڪشن پلان لاڳو ڪرڻ جي موجوده صورتحال جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ بلوچستان ايپڪس ڪميٽي جي 14 هين اجلاس ۾ خصوصي شرڪت ڪندو. هو بلوچستان نگران صوبائي قيادت سان پڻ ملاقات ڪندو.