اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي پاڪستان جي ترقي ۾ اهم سنگ ميل قرار ڏ??ند?? چيو آهي ته حڪومت سي پيڪ منصوبن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش جاري ??کيون آهن، سي پيڪ روڊ انفراسٽرڪچر، پاور سيڪٽرز ۽ صنعتي زونز ۾ 62 ارب ڊالر جي ڪامياب منصوبن جي شڪل ۾ اهم سنگ ميل حاصل ڪيو آهي، روڊ انفراسٽرڪچر، گرين انيشي ايٽو، ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز، اسپيشل اڪنامڪ زونز ۽ ايم ايل ون جي حوالي سان جلد سٺيون خبرون ا??ند??ون، نگران حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي ڪري ??وام کي ريليف ڏنو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته وفاقي حڪومت، صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا گڏجي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي منتقل ڪري. بحريه يونيورسٽي ۽ چا??نا ميڊيا گروپ جي اهتمام هيٺ سي پيڪ آرٽ نمائش کي خطاب ڪندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبو (سي پيڪ) B2G کان B2B ۾ داخل ٿي چڪو آهي، سي پيڪ جي ڪري ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطا وڌيا آهن جڏهن ته چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مضبوط کان مضبوط تر ٿيندا پيا وڃن. هن چيو ته ??ها حقيقت آهي ته فن ۽ ثقافت جو انساني زندگين تي گهرو اثر پوي ٿو، ??ها ڳالهه حوصلي جوڳي آهي ته نمائش ۾ نه رڳو فن کي پيش ڪيو پيو وڃي پر ان ۾ انٽريڪٽو ميڊيا کي به شامل ڪيو ويو آهي، اميد آهي ته نئين انٽريڪٽو ميڊيا نوجوانن کي پنهنجي طرف ڇڪ??ند??. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاليسين تي عملدرآمد يقيني بڻائ??ند?? حڪومت سلي پيڪ منصوبن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور طريقي سان ڪوششون جاري ??کيون آهن. هن بحريه يونيورسٽي ۽ چا??نا ميڊيا گروپ کي آرٽ نمائش منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏ??ند?? چيو ته هن سال اسان سي پيڪ جي 10 هين سالگرهه ملهائ?? رهيا آهيون، مون کي يقين آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون نئين بلندين تائين پهچندو. هن چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪر?? رهيو آهي. هن چيو ته روڊ انفراسٽرڪچر، گرين انيشي ايٽو، ٽيڪنالاجي، ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز، اسپيشل اڪنامڪ زونز ۽ ايم ايل ون جي حوالي سان سٺيون خبرون ا??ند??ون. مرتضيٰ سولنگي چيو ته موجوده نگران حڪومت جو وچن آهي ته جنهن حالت ۾ ملڪ مليو آهي ان کان بهتر حالت ۾ ڇڏي وينداسين. هن چيو ته اڄ ڪافي ماڻهن جي چهرن تي رونق آهي، نگران حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي ڪري ??وام کي ريليف ڏنو آهي، حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو پورو فائدو عوام کي پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته وفاقي حڪومت، صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا گڏجي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي منتقل ڪن. هن چيو ته گذريل هفتي جمعي ڏينهن اسان جي اسٽاڪ مارڪيٽ بلند ترين سطح تي هئي، عالمي ادارا پڻ ايندڙ سال پاڪستان جي جي ڊي پي ۾ ٻيڻي اضافي جي اڳڪٿي ڪر?? رهيا آهن. نگران وفاقي وزير چيو ته اسان جي ڪوشش هجڻ گهرجي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام پيدا ٿئي، ملڪ چونڊن طرف اڳتي وڌي. پاڪستان اڳتي وڌندو ته سي پيڪ جا فائدا به بهتر طريقي سان ملندا.