اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان جي اقليتي برادري پاڪستاني قوميت جو بنيادي حصو آهي، دفاع، تعليم، صحت ۽ سماجي خدمت سميت زندگي جي سمورن شعبن ۾ اسان جي غيرم??لم??ن ڀائرن ۽ ڀينرن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اسان جو آئين ذات پات، نسل ۽ رنگ جي فرق کانسواءِ سمورن شهرين کي سماجي، سياسي، مذهبي ۽ معاشي حقن جي فراهمي جي ضمانت ڏي ٿو، بين المذاهب هم آهنگي اسان جي قومي سڃاڻپ جي واضح خصوصيت آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي وز??راعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ اسان اقليتن جي قومي ڏينهن تي پاڪستان جي امن، ترقي ۽ خوشحالي ۾ غيرم??لم??ن پاڪستاني شهرين جي ڪردار کي م??ها??ي رهيا آهيون، اسان جي اقليتي برادريون پاڪستاني قوميت جو بنيادي حصو آهن، آزادي جي جدوجهد کان وٺي اڄ تائين پاڪستاني اقليتن ملڪ جي تعمير ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، دفاع هجي يا تعليم، صحت هجي يا سماجي خدمت، زندگي جي سمورن شعبن ۾ اسان جي غيرم??لم??ن ڀائرن ۽ ڀينرن اهم ڪردار اد اڪيو آهي. هن چيو ته اڄ جو ڏينهن اسان جو ڌيان قائداعظم جي قانونساز اسيمبلي ۾ڪ يل ان تاريخي تقرير طرف ڇڪرائي ٿو جنهن ۾ هن نئين رياست پاڪستان جي شهرين جي لاءِ رهنما اصول جوڙيا هئا. هن چيو ته پاڪستان جو تصور غيرم??لم??ن ڀائرن ۽ ڀينرن کانسواءِ اڻ مڪمل آهي، اسان جي ملڪ جي جهنڊي ۾ اڇو حصو ملڪ ۾ اقليتي برادري جي جڳهه جي علامت آهي. وز??راعظم چيو ته پاڪستان جي پهرين قانون واري وز??ر جوگندر ناٿ منڊل کان وٺي ڊاڪٽر ميرا فيلبس تائين، ڊاڪٽر رٿ فائون کان وٺي جسٽس دراب پٽيل تائين، اسان جي ملڪ جي ناليورين غيرم??لم??ن شخصيتن جي فهرست تمام ڊگهي آهي جن جي عوامي خدمتون کي ساراهيو وڃي ٿو. هن چيو ته بين المذاهب هم آهنگي اسان جي قومي سڃاڻپ جي واضح خصوصيت آهي. اسان جو آئين ذات پات، نسل ۽ رنگ جي فرق کانسواءِ سمورن شهرين کي سماجي، سياسي، مذهبي ۽ معاشي حقن جي فراهمي جي ضمانت ڏي ٿو. وز??راعظم چيو ته مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته اسان جي اقليتي برادرين کي بااختيار بڻائڻ، عوامي پاليسي جو مرڪز بڻجي چڪو آهي ۽ هڪ ٻئي پٺيان ايندڙ حڪومتن ان مقصد جي لاءِ وسيلا رکيا آهن ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ پاليسيون لاڳو ڪيون آهن. وز??راعظم چيو ته اقليتن جي قومي ڏينهن تي آئون قوم جي تعمير ۾ غيرم??لم??ن پاڪستانين جي اڻٿڪ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ۽ انهن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ حڪومت جي مستقل ۽ پختي عزم جو يقين ڏياريان ٿو. هن چيو ته آئون معاشري جي سمورن طبقن کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪن، ڪنهن به قوم ۾ اتحاد جي جذبي کان وڌيڪ طاقتور ڪا شيءَ نه آهي ڇو ته اهو ان جي تخيل کي طاقت بخشي ٿو ۽ مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ جي عزم کي مضبوط ڪري ٿو، قائداعظم جو نصب العين، ايمان، اتحاد، نظم اسان کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو رستو ڏيکاري ٿو.